Karbala Ke Jaan Nisaron

Book Name:Karbala Ke Jaan Nisaron

ٻڌندا آهن، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  انهن جا ته ڀاڳ ئي ڀلا ٿي ويندا، الله پاڪ چاهيو ته ضرور انهن جون قبرون اندر کان چمڪنديون رهنديون، جيڪي نيڪي جي دعوت عام ڪن ٿا، مدني قافلن ۾ سفر ڪري نيڪ اعمال جي ترغيب ڏيارين ٿا، سنتن ڀري اجتماع ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏين ٿا، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  انهن جون قبرون به نورِ مصطفىٰ  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي صدقي نورٌ على نورٌ هونديون.

قبر میں لہرائیں گے تاحَشر چشمے نور کے                                              جلوہ فرماہوگی جب طَلعَت رسول اللہ کی

جنت ۾ داخلو ۽ گذريل گناهن جو ڪفّارو

اي عاشقانِ رسول! اهي اسلامي ڀائر جيڪي علمِ دين سکڻ جي نيت سان مدني قافلن ۾ سفر ڪن ٿا، انهن لاءِ جنت ۾ داخل ٿيڻ ۽ گذريل گناهن جي ڪفّاري جي خوشخبري آهي. (1) حضرت ابو سعيد خدري رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي: مَنْ غَدَا وَ رَاحَ وَ ہُوَ فِیْ تَعْلِیْمِ دِینِہٖ فَہُوَ فِی الْجَنَّۃِ  يعني جيڪو پنهنجي دين جو علم سکڻ لاءِ صبح يا شام جو نڪتو، اهو جنتي آهي.[1] (2) هڪ حديث پاڪ ۾ آهي: جيڪو شخص علم جي تلاش ڪري ٿو، ته اهو ڪم ان جي گذريل گناهن جو ڪفّارو ٿي وڃي ٿو.[2]

دنيا حاصل ڪرڻ لاءِ سفر

پيارا اسلامي ڀائرو! غور ته فرمايو! اڄ ماڻهو مال وڌائڻ لاءِ پنهنجي شهر کان ٻئي شهر، پنهنجي ملڪ کان ٻئي ملڪ پهچي وڃن ٿا * ماءُ پيءُ* ڀيڻ ڀائرن * ۽ ٻار ٻچن کان ڪيئي سال سال پري رهن ٿا. افسوس! اڄ دنيا


 

 



[1]  حلیۃ الاولیا، جلد:7، صفحہ:295، رقم:10581۔

[2] ترمذی، کتاب العلم، باب فضل طلب العلم، صفحہ:624، حدیث:2648۔