Book Name:Karbala Ke Jaan Nisaron
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! شوق ڏسو ڪهڙو نرالو آهي! سامهون 12 هزار جو لشڪر آهي، شهادت بلڪل يقيني آهي، 3 ڏينهن کان پاڻي بند آهي، مشڪلات چارئي طرف کان گهيري ويٺي آهي، ڪجهه ماڻهو واقعهءِ ڪربلا بيان ڪندي وقت ڪربلا وارن کي تمام لاچار، انتهائي بي وس بڻائي پيش ڪن ٿا، جڏهن ته حالت ڇا هئي؟ اهي خوش نصيب الله پاڪ جي رضا ۾ راضي ۽ دل سان خوش هئا، پاڻ ۾ خوش طبعي ڪري رهيا هئا ۽ خوشي ڪهڙي ڳالهه جي هئي...!! جلد شهادت نصيب ٿيندي، امام عالي مقام، امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ تي جان قربان ڪرڻ نصيب ٿيندي ۽ اسان مالڪِ جنت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڪرم سان جنت ۾ پهچي وينداسين.
حضرت جابر بن عبد الله رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي، فرمائن ٿا: غزوه اُحد جو موقعو هو، هڪ شخص بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيو، عرض ڪيائين: يارسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! توهان ڇا ٿا فرمايو: جيڪڏهن مان راھِ خدا ۾ وڙهندي شهيد ٿي وڃان ته ڪٿي پهچندس؟ فرمايائون: جنت ۾. راوي چون ٿا: ان وقت صحابيءَ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کي کجورون هٿ ۾ کنيل هيون، انهن اهي کجورون به نه کاڌيون، جنگ ۾ لهي پيا ۽ غير مسلم سان وڙهندي وڙهندي شهيد ٿي ويا. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙو ڪمال جو شوق آهي...!! هٿ ۾ کجورون موجود آهن پر صحابي رسول کي جنت ۾ پهچڻ جي جلدي هئي، ڪجهه کجورون کائڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو آهي، ڪجهه سيڪنڊ يا منٽ ئي ته لڳندا آهن پر جنت جي طرف وڃڻ ۾ ايتري دير ٿي وڃي، صحابي رسول کي هي به پسند نه هو.