Karbala Ke Jaan Nisaron

Book Name:Karbala Ke Jaan Nisaron

جس دھج سے کوئی مقتل میں گیا، وہ شان سلامت رہتی ہے

اس جان کی کوئی بات نہیں، یہ جان تو اک دِن جانی ہے

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

گفتار جا غازي

پيارا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو! صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان دين جي رستي ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون قربانيون پيش ڪندا ها. پر افسوس! اڄ اسين بهانا بڻائيندا آهيون. * اسان وٽ دنيا جي هر ڪم لاءِ وقت آهي پر دين جي خدمت لاءِ * قرآن ۽ حديث سکڻ لاءِ * علمِ دين حاصل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ لاءِ وقت ناهي * پنهنجي عيش ۽ عشرت لاءِ هزارين لکين روپيه به خرچ ڪري ڇڏيون ٿا پر دين جي خدمت لاءِ مال قربان ڪندي دل گھٽجو وڃي. * پنهنجي صلاحيتن جو استعمال ڪري تمام گهڻي دنيا گڏ ڪري وٺون ٿا پر دين خاطر پنهنجون صلاحيتون پيش ناهيون ڪندا * جان جي بازي لڳائڻ ته پري جي ڳالهه آهي، اسان کان وقت ۽ مال جي به قرباني نٿي ڏني وڃي.

تھے تو آباء وہ تمہارے ہی مگر تم کیا ہو...؟                                   ہاتھ پر ہاتھ دھرے مُنْتَظِر فردا ہو

پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ اسين غور ڪريون! آخر اهو ڪهڙو جذبو هو جنهن جذبي جي تحت امامِ عالي مقام امام حسين رَضِيَ اللهُ عنه ايتري عظيمُ الشان قرباني پيش ڪئي، صحابه ڪرام رَضِيَ اللهُ عنهم قدم قدم تي قربانيون ڏيندا رهيا. ڳالهه اها آهي ته * اهي بلند رتبه حضرات ڪامِلُ الايمان هئا * اهي جوشِ ايمان جي جذبن سان سرشار هئا ۽ * افسوس! اڄ جو مسلمان اڪثر ايمان جي