Karbala Ke Jaan Nisaron

Book Name:Karbala Ke Jaan Nisaron

احساسِ ذمّه داري پيدا ڪريو

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي سنجيدگيءَ سان پنهنجي ڪردار جو جائزو وٺڻ گهرجي * اسان تي لازم آهي ته پنهنجي گناهن کان سچي توبه ڪريون * پنهنجي اندر جوشِ ايماني پيدا ڪريون * ۽ اهو ذهن بڻائي ڇڏيون ته مون کي دين جي خدمت ڪرڻي ئي ڪرڻي آهي * ڪاش! سڀئي اهو مدني مقصد اپنائي وٺن ته مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!

هڪ مسلمان جي حيثيت سان جيڪڏهن اسان پنهنجي ذمّه داري کي سمجهي، الله ۽ رسول جي محبت دل ۾ رکي ڪري هن مدني مقصد کي پورو ڪرڻ ۾ لڳي وڃون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  ٻنهي جهان ۾ ٻيڙو پار ٿي ويندو.

ڀلائي جون ڳالهيون سيکارڻ جي فضيلت

امام ابونعيم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه   لکن ٿا: الله پاڪ حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي طرف وحي موڪلي ته اي موسيٰ! ڀلائي جون ڳالهيون پاڻ به سکو ۽ ٻين کي به سيکاريو جو مان ڀلائي سيکارڻ وارن جي قبرن کي روشن ڪندس ته جيئن انهن کي ڪنهن به قسم جي وحشت نه ٿئي.[1]

مبلغن جون قبرون چمڪنديون

اي عاشقانِ رسول! هن روايت مان نيڪي جي ڳالهه سکڻ ۽ سيکارڻ جو اجر ۽ ثواب معلوم ٿيو. سُبْحٰنَ اللہ! جيڪي سنتن ڀريا بيان ڪن ٿا، درس ڏيندا ۽


 

 



[1] حلیۃ الاولیا، جلد:6، صفحہ:5، رقم:7622۔