Karbala Ke Jaan Nisaron

Book Name:Karbala Ke Jaan Nisaron

پاڪ جي رحمت جي اميد رکندا آهن، بيشڪ الله پاڪ بخشڻهار مهربان آهي، انهن خوش نصيبن تي ضرور رحم و ڪرم جي بارش فرمائيندو.

سُبْحٰنَ اللہ!  پيارا اسلامي ڀائرو! اهي اوصاف جيڪي هنن آيتن ۾ بيان ڪيا ويا، اهي شهداءِ ڪربلا، امام عالي مقام امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه جي جان نثارن ۾ موجود آهن، هي اهي خوش نصيب آهن * جن دين کي يزيدي فتني کان بچائڻ لاءِ پنهنجا گهر ٻار ڇڏيا، *ڪربلا جي ميدان ۾ پهتا، * ظلم ۽ ستم جي آنڌين سامهون جبل بڻجي بيٺا، * صبر ۽ برداشت جي عظيم مثال قائم ڪئي ۽ * الله پاڪ جي راهه ۾ وڙهندي شهادت جي رتبي تي پهتا.

شهداءِ ڪربلا بنا حساب جنت ۾ ويندا

روايت آهي: جنگِ صفّين جو موقعو هو، مسلمانن جا چوٿان خليفه حضرت علي المرتضيٰ شير خدا رَضِىَ اللهُ عَنْهُ ميدان ڪربلا مان گذريا، هتي سندن نماز فجر ادا ڪئي، پوءِ هن ميدان مان مٽي جي هڪ مٺ ڀري، ان کي سونگهيو، پوءِ درد ڀري لهجي ۾ چيو: آھ...!! هيءَ اها جاءِ آهي جتي هڪ جماعت شهيد ڪئي ويندي، اهي سڀئي بلا حساب جنت ۾ داخل ٿيندا.

سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي شهداءِ ڪربلا جي...!! هن روايت مان حضرت مولى علي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو علم غيب به واضح آهي ته اهو واقعو جيڪو اڃان سالن کان بعد ٿيڻ وارو هو، مولى علي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ اڳ ۾ ئي ان جي خبر ارشاد فرمايائون.

یہ شان ہے اُن کے غُلاموں کی                                                            سرکار کا عالم کیا ہو گا...؟