Book Name:Karbala Ke Jaan Nisaron
الله! الله! هيءَ ڪهڙي محبت آهي...!! ڪهڙو جوشِ ايماني آهي، ساھ وڃڻ وارو آهي، بس ڪجهه منٽن کانپوءِ انهن جا ٻار يتيم ٿيڻ وارا آهن، گهرواري بيواهه ٿي وڃڻ واري آهي. هن موقعي تي به نه ٻارن جي فڪر آهي، نه گهرواريءَ جي فڪر آهي، نه ڪنهن ٻئي دنياوي معاملي جي فڪر آهي، ها! فڪر ستائي رهي آهي ته اُها هڪ ئي آهي ته مان ته شهيد ٿي رهيو آهيان، مان ته پنهنجي امام تي جان قربان ڪري رهيو آهيان، هاڻي مون کان بعد امام کي تڪليف نه اچي.
ڪربلا جي هڪ ٻي جان نثار جي ايمان افروز قرباني جو ذڪر ٻڌو!
حضرت وَھۡب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه بنوڪَلۡب قبيلي جا نوجوان هئا، والد صاحب وفات ڪري چڪا هئا، پُوڙھي، بيواهه ماءُ جا اڪيلا پٽ هئا، نئين نئين شادي کي صرف 17 ڏينهن ئي گذريا هئا. هڪ ڏينهن امڙ سائڻ روئيندي انهن وٽ آئي، چيو: پٽ! تُون منهنجي اکين جو نور آهين، مون کي تنهنجي جدائي برداشت ته ناهي پر اڄ وقت قرباني جو آهي، ڪربلا جي ميدان ۾ رسول اڪرم جا ڏوهٽا صبر و استقامت جو امتحان ڏئي رهيا آهن، منهنجي خواهش آهي ته تُون به امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ تي جان قربان ڪر.
هونهار پٽ ماءُ جي فرمائش تي فوراً لبيڪ چيو، نئين نَوِيلي ڪنوار کي پنهنجي نيڪ ارادي سان خبردار ڪيو ۽ ميدانِ ڪربلا ڏانهن روانو ٿي ويو. امامِ عالي مقام رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي خدمت ۾ سلام پيش ڪيو ۽ وقت اچڻ تي اجازت وٺي ميدان ۾ لهي ويا.