Book Name:Karbala Ke Jaan Nisaron
ڪربلا وارا آهن. * اهي الله پاڪ جي محبت سان سرشار آهن، * با ذوق آهن، * نيڪ ۽ پرهيزگار آهن. * اهي رب جي رضا جي خاطر پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ وارا ماڻهو آهن. * ڪا به مشڪل، ڪا به پريشاني انهن کي رب جي در کان پري نه ٿي ڪري سگهي...!! الله پاڪ اسان کي انهن ڪربلا وارن جو فيضان نصيب فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
ڪربلا جي پهرين شهيد جي نرالي تمنّا
ميدانِ ڪربلا ۾ جيترا خوش نصيب شريڪ هئا، انهن سڀني جو ايماني جوش ۽ جذبو به تمام ڪمال هو. ڪتابن ۾ لکيل آهي ته ڪربلا جي ميدان ۾ پهريون خوش نصيب جيڪو شهادت جي رُتبي تي پهتو، اُهي حضرت مُسلم بن عَوسَجه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هئا. پاڻ يزيدي فوج ۾ لٿا، يزيدين کي جهنّم پهچايو، پنهنجي بهادري جا جوهر ڏيکاريا، آخر زخمي ٿي ڪري جڏهن زمين تي ڪِريا ته امامِ عالي مقام، امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ پنهنجي ديواني وٽ پهتو. جسم زخمي آهي، خون وهي رهيو آهي، ساھ چپن تي آهي، هاڻي بس آخري ساھ هيا. امامِ عالي مقام رَضِىَ اللهُ عَنْهُ انهن جي ويجهو پهتو، حضرت حبيب بن مُظَهَّر به گڏ هئا. حضرت حبيب چيو: اي مسلم! اي منهنجا دوست! توهان کي مبارڪ هجي! شهادت جو رُتبو حاصل ڪري جنت ۾ وڃڻ وارا آهيو.
هن گهڙي ۾ حضرت مسلم بن عوسجه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو ايماني جوش ڪهڙو هو، ٻڌو! پاڻ امامِ عالي مقام امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ ڏانهن اشارو ڪيو ۽ حضرت حبيب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي چيو: اي حبيب! توهان کي منهنجي وصيت آهي ته منهنجي امام جي حفاظت ڪجو، شهيد ٿي وڃجو پر منهنجي امام کي تڪليف نه اچڻ ڏجو. ([1])