Karbala Ke Jaan Nisaron

Book Name:Karbala Ke Jaan Nisaron

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

  ايصال ثواب جا سنتون ۽ آداب

مُحَرَّم شريف جو مهينو جاري آهي، گھڻو ڪري اهلِ بيت اطهار رضي الله عنهم جو ذڪر خير ڪريو! * گهر ۾ *  آفيس ۾ * دڪان تي *  جتي جتي ٿي سگهي، شهيدان ۽ اسيرانِ ڪربلا رضي الله عنهم جي ايصالِ ثواب جو انتظام ڪريو! ياد رکو...! ايصال ثواب پياري  نبي، مڪي مدني صلى الله عليه و آله و سلم جي مبارڪ اَدا آهي. حديثِ پاڪ ۾ آهي: پياري نبي، رسولِ هاشمي  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم   ٻه دنبا ذبح فرمايا، هڪ جو ثواب ساري امت کي پهچايو ۽ هڪ پنهنجي ۽ پنهنجي اهلِ بيت لاءِ ذبح فرمايو۔ ( ابن ماجہ، کتاب الاضاحی، باب اضاحی رسول اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم، صفحہ:509، حدیث:3222 ) صحابه ڪرام رضي الله عنهم جي مبارڪ دور ۾ ايصالِ ثواب جا مختلف طريقا رائج هئا مثلاً: * اهي حضرات ميت جي طرفان ستن ڏينهن تائين کاڌو کارائيندا هئا۔ (الحاوی للفتاویٰ، طلوع الثریا باظہار ماکان خفیا، صفحہ:591۔)  * فوت ٿيل جي قبر تي قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪندا هئا۔  * حضرت امام حسن ۽ حسين رضي الله عنهما پنهنجي والدِ محترم يعني حضرت مولا علي، شيرِ خدا رضي الله عنه جي ايصالِ ثواب لاءِ غلام آزاد ڪندا هئا۔ (مصنف ابن ابی شیبۃ، کتاب الجنائز، باب ما یتبع المیت بعد موتہ، جلد:3، صفحہ:262، حدیث:12۔) *حضرت سعد رضي الله عنہ پنهنجي والده جي انتقال کان پوءِ انهن جي ايصالِ ثواب لاءِ پاڻي جو کوھ کوڏايو۔ ( )اميرِ اهلِ سنت مولانا الياس عطّار قادري دامت برڪاتهم العاليه لکن ٿا: * ايصالِ ثواب جي لفظي معنى آهي: ”ثواب پهچائڻ“ ان کي ”ثواب بخشڻ“ به چوندا آهن پر بزرگن لاءِ ”ثواب بخشڻ“ چوڻ مناسب ناهي، ”ثواب نذر ڪرڻ“ چوڻ ادب جي وڌيڪ قريب آهي۔