Karbala Ke Jaan Nisaron

Book Name:Karbala Ke Jaan Nisaron

فَالَّذِیْنَ ہَاجَرُوْا وَ اُخْرِجُوْا مِنْ دِیَارھمْ وَ اُوْذُوْا فِیْ سَبِیْلِیْ وَ قٰتَلُوْا وَ قُتِلُوْا لَاُکَفِّرَنَّ عَنْہُمْ سَیِّاٰتِہِمْ وَ لَاُدْخِلَنَّہُمْ جَنّٰتٍ تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِہَا الْاَنْہٰرُ ۚ ثَوَابًا مِّنْ عِنْدِ اللّٰہِ ؕ وَ اللّٰہُ عِنْدَہٗ حُسْنُ الثَّوَابِ (۱۹۵)

ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ جن هجرت ڪئي ۽ پنهنجي گھرن مان ڪڍيا ويا ۽ منهنجي راهه ۾ انهن کي ستايو ويو ۽ انهن جهاد ڪيو ۽ قتل ڪيا ويا مان ضرور انهن جا سڀ گناھ انهن کان مٽائي ڇڏيندس ۽ ضرور انهن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندس جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون (هيءُ) الله جي بارگاهه مان اجر آهي ۽ الله وٽ ئي سٺو ثواب آهي.

هن مان معلوم ٿيو، اهي ماڻهو جن دين جي خاطر پنهنجو گهر ٻار ڇڏيو، الله پاڪ جي راھ ۾ ستايا ويا، ربّ جي دُشمنن سان جنگ ڪئي ۽ شهيد ڪيا ويا، انهن کي الله پاڪ جنّت جي باغن ۾ داخل فرمائيندو، اهي باغات جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن.

(2) سيپارو: 2، سورت بقره، آيت: 218 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:  ترجموڪنزالعرفان:

       بيشڪ اهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ اهي جن الله جي لاءِ پنهنجا گهر ٻار ڇڏي ڏنا ۽ الله جي راهه ۾ جهاد ڪيو اهي  رحمتِ الاهي جا اميدوار آهن. الله بخشڻهار مهربان آهي.

هن آيت ڪريمه مان معلوم ٿيو، جن دين جي خاطِر گهر ٻار ڇڏيا، الله پاڪ جي راهه ۾ دين جي دشمنن سان وڙهيا، اهي ڪير آهن؟ اهي ماڻهو جيڪي الله