Book Name:Karbala Ke Jaan Nisaron
سُبْحٰنَ اللہ! ڪربلا وارن جو ڪهڙو ذوق آهي...!! دشمن سامهون آهي، پاڻي بند آهي، حالتون ۽ واقعات اهو ٻڌائي رهيا آهن ته زندگي جي آخري رات آهي، چوڌاري مشڪلات ۽ پريشانيون گهيري ويٺيون آهن ۽ اهي الله پاڪ جا نيڪ ٻانها آهن جو ذوق ۽ شوق سان، هر مشڪل ۽ هر پريشاني کي وساري، پنهنجي رب سان دل لڳائي ويٺا آهن۔
یہ غازی، یہ تیرے پُراَسْرَار بندے جنہیں تُو نے بخشا ہے ذوقِ خُدائی
دو عالَم سے کرتی ہے بیگانہ دِل کو عجب چیز ہے لذّتِ آشنائی
شہادت ہے مطلوب و مقصودِ مؤمن نہ مالِ غنیمت، نہ کِشْور کُشَائی([1])
وضاحت: خدائي جو مطلب: امامت ۽ پيشوائي ڪرڻ. يعني اي مالڪ ڪريم! اهي غازي به تنهنجا عجيب ٻانها آهن، انهن ۾ ذوقِ امامت ۽ ذوقِ پيشوائي هوندو آهي، انهن جون دِليون محبتِ الٰهي سان سرشار هونديون آهن، انهيءَ محبت جي ڪري اهي ٻنهي جهانن کان بي پرواھ ٿي، بس الله پاڪ جا ٿي ڪري رهجي وڃن ٿا. نه اهي مالِ غنيمت چاهين ٿا، نه پنهنجا جهنڊا لڳائڻ چاهين ٿا، انهن جو مقصد، انهن جو مطلوب ته صرف اهو هوندو آهي ته الله پاڪ جي نالي تي جان قربان ڪري، ان جي حضور ڪامياب ٿي وڃن.
الله پاڪ اسان کي به اهڙو ذوق، اهڙو شوق نصيب ڪري...!! اسان کي ته معمولي پريشاني اچي ٿي ته * شور ڪرڻ لڳون ٿا، * بي صبري ڪندا آهيون، * شڪايتون ڪندا آهيون، * نيڪين کان منهن موڙي وٺندا آهيون. * اهي