Karbala Ke Jaan Nisaron

Book Name:Karbala Ke Jaan Nisaron

حاصل ڪرڻ خاطر اڪثر ماڻهو هر طرح جون قربانيون ڏين ٿا پر اهڙي عظيم الشان اجر ۽ ثواب جي خوشخبريءَ باوجود راهِ خدا ۾ چند ڏينهن لاءِ مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿا ٿين.

ٿورو سوچيو ته صحيح! صحابه ڪرام، اهلِ بيتِ پاڪ ۽ شهداءِ ڪربلا رَضِىَ اللهُ عَنْهُم راهِ خدا ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون قربانيون پيش ڪيون، راهِ خدا جي هر سفر ۾ وڌي ڪري حصو ورتو، هي انهن جي ئي قربانين جو صدقو آهي جو اڄ دنيا ۾ هر طرف دين اسلام جون بهارون آهن، بهرحال! هڪ طرف صحابهءِ ڪرام ۽ اهلِ بيت رَضِىَ اللهُ عَنْهُم آهن جو جن جون زندگيون دين جي سربلندي لاءِ وقف هيون ۽ ٻئي طرف اسان غافل ماڻهو آهيون جن جا ڏينهن رات صرف ۽ صرف دنيا جي ترقي لاءِ ڄڻ وقف آهن.

اسان کي به همت ڪرڻي آهي، اسان کي به جوشِ ايماني جو ثبوت ڏيڻو آهي. الحمد لله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي وارا عاشقانِ رسول نرالي انداز ۾ ڪربلا وارن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪن ٿا، الله پاڪ جي فضل سان شهداءِ ڪربلا جي ايصالِ ثواب لاءِ هر سال ئي 8، 9 ۽ 10 محرم شريف تي مدني قافلا سفر ڪندا آهن، توهان به همت ڪريو! جوشِ ايماني جو ثبوت ڏيو ۽ ڪربلا وارن جي ايصالِ ثواب لاءِ مدني قافلي جا مسافر بڻجي وڃو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ! دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلائيون نصيب ٿينديون.  

لوٹنے رحمتیں قافلے میں چلو                                                                                                     سیکھنے سنتیں قافلے میں چلو

قرض ہو گا ادا، آ کے مانگو دُعا                                                                                                پاؤ گے برکتیں قافلے میں چلو