Karbala Ke Jaan Nisaron

Book Name:Karbala Ke Jaan Nisaron

* فرض * واجب *  سنت *  نفل *  نماز* روزو * زڪوات * حج *   تلاوت  * نعت شريف *  ذڪرُ الله * درود شريف * بيان * درس *مدني قافلي ۾ سفر *علائقي دورو * ديني ڪتاب جو مطالعو **  نيڪي جي دعوت وغيره هر نيڪ ڪم جو ايصالِ ثواب ڪري سگهو ٿا۔ * اولياء ڪرام رحمه الله عليهم جي فاتحه جي کاڌي کي تعظيمًا ”نذر و نياز“ چوندا آهن ۽ اهو جائز آهي، ان کي امير ۽ غريب سڀ کائي سگهن ٿا۔ *نياز ۽ ايصالِ ثواب جي کاڌي تي فاتحه پڙهڻ لاءِ ڪنهن کي گهرائڻ يا ٻاهرين مهمان کي کارائڻ شرط ناهي، گهر جا فرد اگر پاڻ ئي فاتحه پڙهي کائي وٺن ته به ڪو حرج ناهي۔* مسجد يا مدرسو ٺاهڻ صدقه جاريه ۽ ايصالِ ثواب جو بهترين ذريعو آهي۔ *محرم شريف جي مناسبت سان مختلف ڪتاب ۽ رسائل مثلاً: * محرم جا فضائل * فيضانِ اهلِ بيت * ڪربلا جو خوني منظر * سوانح ڪربلا * آئينه قيامت * حسيني گهوٽ * امام حسين جا واقعا* امام حسين جون ڪرامتون پڙهي ۽ ورهائي ڪري به ايصالِ ثواب ڪري سگهجي ٿو۔

مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ  جو 91 صفحات جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنّتن سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنّتن ڀريو سَفر به آهي.

آؤ مدنی قافِلے میں ہم کریں مل کر سفر                                                             سنّتیں سیکھیں گے اِس میں اِنْ شَآءَ اللہ سر بَسَر

جو بھی شیدائی ہے مدنی قافِلوں کا یاخدا!                                                          دوجہاں میں اُس کا بیڑا پار فرما یاخدا!