Book Name:Mufti Farooq Ke Osaf
اهڙي طرح اکين جو قفلِ مدينه به تمام زبردست هو (يعني پنهنجي اکين کي گناهن کان ته بچائيندا ئي هئا، فضول هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ کان به گهڻو بچندا هئا). پاڻ پنهنجي موٽر سائيڪل صرف انهيءَ ڪري وڪڻي ڇڏي جو هلائيندي ڪڏهن ڪڏهن غير محرم عورت سامهون اچي وڃي ته نظر بچائڻ تمام مشڪل ٿي وڃي ٿو.
هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: مونکي مفتي فاروق صاحب سان هند جي سفر ڪرڻ جي سعادت ملي، سفر دوران ڪيترائي ڀيرا ڏٺم ته جيڪڏهن ڪنهن گاڏي ۾ سوار ٿي ڪٿي وڃڻو پئي پيو ته مفتي صاحب گاڏي ۾ سوار ٿيندي ئي اکيون بند ڪري ڇڏيندا هئا (ته جيئن غير محرم عورتن تي نظر نه پوي).
سُبْحٰنَ اللہ! ڪيتري ته پرهيزگاري آهي...!! ڪاش! اسان کي به اهڙي توفيق ملي وڃي. سچي ڳالهه آهي، اڄ ڪلهه ته نه اسان جي زبان کي لغام آهي، نه اکين جو ڪو ٺڪاڻو آهي. زبان آهي جو هلندي آهي ته بس هلندي ئي رهي ٿي*ڪڏهن هن ملڪ جون ڳالهيون، * ڪڏهن سمنڊ پار جون ڳالهيون، * ڪڏهن فضول ڳالهيون، * ڪڏهن غيبت، ڪڏهن چغلي، * ڪڏهن هڪ ٻئي تي بهتان لڳائڻ، * زبان جي ذريعي ٻين جي دل ڏکائڻ، * گنديون ڳالهيون ڪرڻ وغيره بس هلندو رهي ٿو. اهڙي طرح اکين جي حفاظت جي ته ڳالهه ئي نه پڇو! * رستي تي هلندي نظرون چارون طرف گھمي رهيون هونديون آهن: ڪڏهن دڪانن جا بورڊ پڙهي رهيا آهيون، ڪڏهن رستي تي لڳل اشتہارن تي نظرون آهن، پهريان ماڻهو فليڪس لڳائيندا هئا، هاڻي ته رستن تي ايس ايم ڊي لڳائي بي پرده عورتن جون ويڊيو هلائيندا آهن، اُتي ماڻهن جو حال ڇا آهي؟ ڪو موٽر سائيڪل هلائي رهيو آهي ته نظرون ويڊيو تي آهن، ڪو ڪار هلائي رهيو آهي ته نظر ويڊيو تي آهي، پيادل هلندڙ به مٿي ڏسندي رستو پار ڪري رهيا هوندا آهن، نتيجي طور حادثا به ٿي ويندا آهن، چوٽ به لڳي ويندي، گاڏي جو به نقصان ٿي ويندو آهي ۽ ڪيئي ماڻهو مري به ويندا هوندا. الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي. قرآني تعليمات تي عمل ڪريو، دنيا به سنورجي ويندي، آخرت به سنورجي ويندي.