Mufti Farooq Ke Osaf

Book Name:Mufti Farooq Ke Osaf

پڙهو (يا پڙهايو) ۽ آبِ زم زم يا ان پاڻي ۾ جنهن ۾ آبِ زم زم جا ڪجهه ڦڙا شامل هجن، دم ڪريو ۽ روزانو صبح، منجهند ۽ شام پيئو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! 40 ڏينهن جي اندر اندر شفا ياب ٿي ويندا. (صرف هڪ دفعو دم ڪيل پاڻي ڪافي آهي، حسبِ ضرورت وڌيڪ پاڻي ملائي وٺو.) ([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: علاقائي دورو

*حديث پاڪ جو خلاصو آهي: جيڪي قدم راههِ خُدا ۾ خاڪ آلود ٿين، انهن کي جهنم جي باھ نه ڇُهندي. (مسند امام احمد،جلد:6، صفحہ:507، حدیث:16356۔)  *نيڪي جي دعوت ڏيڻ، بُرائي کان منع ڪرڻ جي لاءِ گهر کان نڪرڻ به راھ خدا ۾ نڪرڻ آهي. *اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي لاءِ بازار ۾ تشريف کڻي ويندا هئا. *مختلف قبيلن ۾ وڃي ڪري نيڪي جي دعوت ڏيندا هئا. *دعوت اسلامي وارا عاشقانِ رسول به هن پياري ادا کي ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن *گهر گهر، دڪان دڪان وڃي ڪري نيڪي جي دعوت ڏيندا آهن.* ماڻهن کي مسجد ۾ اچڻ جي دعوت ڏني ويندي آهي.* نمازن جي ترغيب ڏياري ويندي آهي. اسان ان کي علاقائي دورو چوندا آهيون.

اوهان به عاشقانِ رسول سان گڏجي علاقائي دورو ڪيو!  اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! * سُنَّتِ انبياء تي عمل جي سعادت ملندي. * نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب ملندو * حديث پاڪ جي مطابق نيڪي جي راھ ڏيکارڻ وارو، نيڪي ڪرڻ


 

 



[1]... بیمار عابد ،ص60۔