Mufti Farooq Ke Osaf

Book Name:Mufti Farooq Ke Osaf

نیک مَیں بھی بنوں اِلتجا ہے                                                                                یاخدا! تجھ سے میری دُعا ہے([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

  30 جولاءِ دوستيءَ جو عالمي ڏينهن

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ٻڌو ته مفتي فاروق صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪيئن *نيڪ، *پرهيزگار، *تلاوت ڪندڙ، *علمِ دين پڙهندڙ، *نيڪيون ڪندڙ، *نيڪيءَ جي دعوت ڏيندڙ، *سٺن اخلاقن وارا، ۽ * سٺي ڪردار وارا هئا. جيڪڏهن ملي سگهن ته اهڙن ماڻهن کي دوست بڻائڻ گهرجي، اهڙن سان گڏ رهڻ گهرجي، ۽ پنهنجو اُٿڻ ويهڻ اهڙن سان رکڻ گهرجي ته جيئن اسان جو به ڪردار سنورجي، اسان جون عادتون به سٺيون ٿي وڃن. هاڻي 30 جولاءِ اچي رهيو آهي، 30 جولاءِ تي دوستيءَ جو عالمي ڏينهن (International Day of Friendship) ملهايو ويندو آهي. هن موقعي تي بلڪ هر وقت ئي گهرجي ته اسان پنهنجي فرينڊ سرڪل جو جائزو وٺون، سوچون ته ڇا اسان سٺن دوستن سان اُٿون ويهون ٿا يا بُرن ماڻهن سان دوستيون آهن. اسان جا اخلاق، ڪردار، ۽ عادتون بگڙڻ جو سڀني کان وڏو سبب بُريون دوستيون هونديون آهن. تنهنڪري بُري دوستن کان بچي ڪري ئي رهڻ گهرجي.

انسان پنهنجي دوست جي دين تي هوندو آهي

 

ترمذي شريف جي حديثِ پاڪ آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: الرَّجُلُ عَلَى دِينِ خَلِيْلِهِ، فَلْيَنْظُرْ اَحَدُكُمْ مَنْ يُخَالِلُ  انسان پنهنجي دوست جي دين تي هوندو آهي، تنهنڪري توهان مان هر هڪ کي گهرجي ته هو


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:139 ۔