Mufti Farooq Ke Osaf

Book Name:Mufti Farooq Ke Osaf

الله پاڪ اسان کي نيڪ ماڻهن جو پيروڪار بڻجڻ ۽ انهن سان مشابهت اپنائڻ، انهن جهڙا عمل، اخلاق ۽ ڪردار اپنائڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

 هڪ صحابي ۽ هڪ مفتي جو ذڪرِ خير

يقيناً نيڪ ماڻهن جا طور طريقا اختيار ڪرڻ لاءِ انهن جي سيرت ۽ ڪردار سان واقف هجڻ ضروري آهي. عنقريب 21 محرم شريف اچڻ وارو آهي، ان ڏينهن عظيم صحابي رسول، عاشقِ مصطفيٰ، اها بلند هستي جن کي معراج جي رات پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جنت ۾ پنهنجي اڳيان اڳيان ڏٺو ([1]) يعني مؤذن رسول حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي  وفات جو ڏينهن آهي ۽ اڄ 18 محرم شريف آهي، اڄ جي ڏينهن هڪ تمام نيڪ هستي، عاشق قرآن، عاشق نيڪ اعمال، عالم باعمل، مفتيءِ دعوت اسلامي حضرت مفتي محمد فاروق عطاري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي وصال جو ڏينهن آهي. اچو! انهن ٻنهي نيڪ هستين يعني هڪ صحابي رسول ۽ هڪ عاشقِ صحابه مفتي صاحب جو ذڪر خير ٻڌون ٿا، انهن جا پيارا پيارا اوصاف ٻڌون ٿا ۽ نيت ڪريون ٿا ته اسين به اهڙا نيڪ ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.  

حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو ذڪر خير

اسان جا آقا حضرت بلال حبشي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  مشهور صحابي رسول آهن، سندن نالو مبارڪ: بلال ۽ لقب آهي: مؤذّنِ رسول. بلڪ اسان جا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کيس سَیِّدُ الْمُؤَذِّنِیْن (سڀني اَذان ڏيندڙن جا سردار) جو خطاب ڏنو. ([2])  


 

 



[1]...بخاری،ج۱،ص۱۵۴۔

[2]...سیر اعلام النبلاء، جلد:3، صفحہ:220۔