Mufti Farooq Ke Osaf

Book Name:Mufti Farooq Ke Osaf

حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْهُ ملڪ شام هليا ويا ۽ آخر تائين اتي رهيا، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ سن 20 هجري ۾ هن دنيا فاني کان رخصت ٿيا. سندن مزار مبارڪ ملڪ شام ۾ آهي. ([1])

جاہ و جلال دَو نہ ہی مال و مَنَال دَو                                                                                سوزِ بلال بَس میری جھولی میں ڈال دو

دُنیا کے سارے غم میرے دِل سے نکال دو              غم اپنا یاحبیب بَرائے بِلال دو([2])

وضاحت: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! مون کي دنياوي شان و شوڪت، مال ۽ اسباب نه ٿو گهرجي، مون کي بس حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو عشق رسول گهرجي، حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي صدقي اوهان اهڙو ڪرم ڪريو ته منهنجي دل مان سڀئي دنياوي غم نڪري وڃن ۽ صرف اوهان جو غم نصيب ٿئي.

بلال ڪڏهن به ڪوڙ ناهي ڳالهائيندو.

پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي پوري سيرت روشن آهي، سندن هڪ هڪ ادا اختيار ڪرڻ جي قابل آهي، سندن ڪيترن ئي اعلى خوبين مان هڪ خوبي هي به آهي ته پاڻ هميشه سچ ڳالهائيندا هئا، ڪوڙ کان نفرت ڪندا هئا. هڪ ڏينهن حضور اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  حضرت بلال حبشي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي گهر تشريف فرما ٿيا.

      سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙي عزت افزائي آهي، ٻنهي جهانن جا آقا، ملائڪ جن جي بارگاھ ۾ حاضري جي خواهش ڪندا آهن، اهي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻ هلي ڪري حضرت بلال رضي الله عنه جي گهر تشريف فرما ٿيا. پڇيو: بلال گهر ۾ آهي؟ حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي گهر واريءَ عرض ڪيو: هوءَ ته گهر ۾ ناهي. پوءِ زوجه محترمه


 

 



[1]...اُسد الغابہ، جلد:1، صفحہ:415و416، ملتقطاً۔

[2]...وسائِلِ بخشش، صفحہ:305۔