Mufti Farooq Ke Osaf

Book Name:Mufti Farooq Ke Osaf

ڏسي ته ڪنهن سان دوستي ڪري رهيو آهي۔ ([1])يعني عام طور تي انسان پنهنجي دوست جي سيرت ۽ اخلاق اختيار ڪري وٺندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ان جو مذهب به اختيار ڪري وٺندو آهي. تنهنڪري سٺن ماڻهن سان دوستي رکو ته جيئن توهان به سٺا بڻجو! ۽ ڪنهن سان دوستي ڪرڻ کان پهريان ان کي جانچيو ته ڇا اهو الله ۽ رسول جو فرمانبردار آهي يا نه. صوفياءِ ڪرام فرمائن ٿا: انسان جي طبيعت ۾ اخذ يعني وٺڻ جي خاصيت هوندي آهي. حريص جي صحبت مان حرص ۽ زاهد جي صحبت مان زهد ۽ تقوى ملندي آهي (تنهنڪري هر هڪ کي گهرجي ته ڪنهن کي دوست بڻائڻ کان اڳ سوچي سمجهي، جانچي ته مان ڪنهن کي دوست بڻائي رهيو آهيان). ([2])

 

اي الله پاڪ! منهنجي دوستن کي نيڪ بڻاءِ

شيخُ المشائخ، حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي مشهور زمانه ڪتاب ڪشفُ المحجوب ۾ لکن ٿا: هڪ شخص ڪعبي شريف جو طواف ڪري رهيو هو، هن دوران سندس زبان تي صرف هڪ ئي دعا هئي: " اَللّٰہُمَّ اَصْلِحْ اِخْوَانِی " اي الله پاڪ! منهنجي دوستن کي نيڪ بڻاءِ. ڪنهن پڇيو: هن مقام تي تون پنهنجي لاءِ دعا ڇو نٿو گهرين؟ صرف دوستن لاءِ ئي ڇو دعا ڪري رهيو آهين؟ ان شخص تمام بهترين جواب ڏنو، چيائين: مان (هتي مڪي مڪرمہ ۾ ته نيڪين ۾ مصروف آهيان پر جلد ئي مون کي واپس پنهنجي دوستن وٽ وڃڻو آهي،


 

 



[1]...ترمذی، کتاب الزہد، صفحہ:566، حدیث:2378۔

[2]... مرآۃ المناجیح،جلد:6 ،صفحہ:599 بتغیر قلیل ۔