Mufti Farooq Ke Osaf

Book Name:Mufti Farooq Ke Osaf

ڪوڙ سان اهڙي نفرت ٿئي جو مرندي وقت تائين ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهايون۔ * ڪوڙ ڳالهائڻ گناهه آهي، * ڪوڙ جهنم ۾ وٺي ويندڙ ڪم آهي،* ڪوڙ ڳالهائڻ مسلمانن جو نه پر منافقن جو طريقو آهي۔ افسوس! اسان وٽ اهڙا نادان به آهن، جيڪي چوندا آهن: جناب، سچ جو زمانو ناهي، ڪوڙ کانسواءِ ته ڪم ئي نٿو هلي۔

هي دعوٰي ڪيتري صحيح آهي، اچو ته ان باري ۾ به حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي سيرت پاڪ مان راهنمائي وٺون ٿا۔

سچ ئي تنهنجو ڪم بڻايو آهي

حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو هڪ ڀاءُ هو، بعض ڪتابن ۾ ان جو نالو خالد لکيل آهي۔ ان جو نڪاح ڪرڻو هو، حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْهُ ان کي ساڻ وٺي هڪ قبيلي ۾ ويا۔

هاڻي ڏسو! اسان وٽ به رشتا ڪيا ويندا آهن، پر حال ڇا هوندو آهي؟ * بناوٽ اختيار ڪئي ويندي آهي، * ڪوڙ ڳالهايو ويندو آهي، *ڇوڪريءَ وارا ڇوڪريءَ جي ڪوڙي تعريف ڪندا آهن، * ڇوڪري وارا ڇوڪري جي ڪوڙي تعريف ڪندا آهن، * پوءِ جڏهن رشتو ٿي  ويندو آهي، شادي کان پوءِ ڪوڙ ظاهر ٿيندو آهي ته جهيڙا ٿيندا آهن، جهڳڙا ٿيندا آهن، ايتري تائين جو طلاق تائين نوبت پهچي ويندي آهي۔ حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو پاڪيزه انداز ڏسو! پاڻ رشتو وٺڻ لاءِ ڇوڪري وارن وٽ ويا، فرمايائون: توهان اسان کي سڃاڻو ٿا، هي منهنجو ڀاءُ آهي. * اسان پهريان غلام هئاسين، الله پاڪ آزادي عطا ڪئي، * اسان گمراهيءَ ۾ هئاسين، الله پاڪ پنهنجي نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّمَ جي ذريعي اسان کي هدايت عطا ڪئي، * اسان غريب هئاسين، الله پاڪ اسان کي غني ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن توهان پنهنجي ڇوڪريءَ جو رشتو ڏيڻ پسند ڪريو ته الحمد لله! نه پسند ڪريو، ته به ڪو حرج ناهي۔