Mufti Farooq Ke Osaf

Book Name:Mufti Farooq Ke Osaf

بدنگاهي کان بچڻ جي فضيلت

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي ذھن بنائڻ گھرجي، نگاھون جھڪائي رکڻ جي عادت بڻايو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! برڪتون ئي برڪتون نصيب ٿينديون. حضرت معاويه بن حَيده رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  کان روايت آھي ته سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَیْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم ارشاد فرمايو: 3 اکيون جهنم نه ڏسنديون. (1): اها اک جيڪا راھِ خدا ۾ پهرو ڏئي، (2): اها اک جيڪا الله پاڪ جي خوف سان روئي ۽ (3): اها اک جيڪا الله پاڪ جي حرام ڪيل شين ڏانهن نه ڏسي. ([1])

عبادت جي مٺاڻ ملي ويندي آهي

فرمانِ مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَیْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم: عورت جي حسن و جمال ڏانهن نظر ڪرڻ ابليس جي زهر ۾ ٻوڙيل تيرن منجهان هڪ تير آھي. جيڪو شخص پنهنجي اکين جي حفاظت ڪندو، الله پاڪ کيس اهڙي عبادت جي توفيق عطا ڪندو جنهن جي مٺاڻ اهو پنهنجي دل ۾ محسوس ڪندو. ([2])

نظر  هيٺ رکڻ دل کي پاڪ ڪندو آهي

امام محمد غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو هيءُ ڪلام ملاحظه ڪريو، فرمائن ٿا: نظر هيٺ رکڻ دل کي تمام گهڻو پاڪ ڪندو آهي ۽ نيڪين ۾ اضافي جو ذريعو آھي. ([3])

سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙي پياري برڪت آهي عام طور تي ماڻهن جي شِڪوا هوندي  آھي ته نماز ۾ دل نٿي لڳي، نيڪين ڏانهن دل مائل نٿي ٿئي، نماز ۾ وسوسا ايندا رهن ٿا، دل چاهي ٿي ته نيڪ ٿي وڃان پر گناهن جي عادت ڇڏجي نٿي، نيڪين ۾ دل نٿي لڳي. امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه علاج عطا ڪري رهيا آهن ته


 

 



[1]... معجم کبیر، ۱۹ /۴۱۶، حدیث:۱۰۰۳۔

[2]... معجم کبیر، ؎حدیث:10362۔

[3]... منہاج العابدین، تقوی الاعضاء الخمسۃ، الفصل الاول: العین، ص۷۲-۷۳۔