Mufti Farooq Ke Osaf

Book Name:Mufti Farooq Ke Osaf

حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي پيشڪش ٻڌي ڇوڪريءَ وارن فوري طور رشتو منظور ڪري ورتو۔ پوءِ جڏهن حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْهُ واپس وڃي رهيا هئا، رستي ۾ سندس ڀاءُ چيو: اي ڀاءُ! اوهان اسان جي نيڪي جو ذڪر ڪيو ها، پياري آقا، مڪي مدني مصطفىٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّمَ تي اسان جي جان نثاريءَ جو ذڪر ڪيو ها، توهان اسان جي ماضي جي حالتن کي ڇو دهرايو؟ حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْهُ چيو: مون سچ ڳالهايو ۽ انهي سچ جي بدولت تنهنجو رشتو طئي ٿيو۔([1])

سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو: سچ ڳالهائڻ سان ڪم بگڙندا ناهن، ٺهندا آهن ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ سان ڪم ٺهندا ناهن، الٽو بگڙندا آهن۔ الله پاڪ اسان سڀني کي هميشه سچ ڳالهائڻ جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

غیبت سے اور تُہمت و چغلی سے دُور رکھ                 خُوگر تُو سچ کا دے بنا یا ربِّ مصطَفٰے

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! اچو، هاڻي مفتي فاروق صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ذڪر خير جون به ڪجهه برڪتون وٺون ٿا۔

 مفتي فاروق جون پياريون خوبيون

مفتيِ دعوتِ اسلامي مفتي فاروق صاحب جي ولادت 26 آگسٽ 1976 تي ٿي، پاڪستان جي شهر لاڙڪاڻي جا رهاڪو هئا۔ * پاڻ حافظِ قرآن به هئا۔ * 1995 ۾ پاڻ جامعة المدينه ۾ داخلا ورتي ۽ عالم بڻيا، * پوءِ مفتي ڪورس ڪري مفتي بڻيا ۽ تقريباً 11 مهينا دار الافتاء ۾ رهندي فتوائون لکندا رهيا۔

(1) تلاوتِ قرآن جا شوقين


 

 



[1]...تَذْکِرَہ حَمْدُونیہ، باب:8 صِدْق و کِذْب کا بیان، جلد:3، صفحہ:78۔