Mufti Farooq Ke Osaf

Book Name:Mufti Farooq Ke Osaf

ذميدار جو بيان آهي: مفتي محمد فاروق رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جن ڏينهن ۾ وارڊ نگران هئا سندن ڪارڪردگي تنظيمي ڪمن ۾ به باقي سڀني کان بهتر هئي. سندن ڪارڪردگي فارم بنا گهرڻ جي سڀني کان پهريان ملي ويندو هو. سندن علائقي جا اسلامي ڀائر چون ٿا: * مفتئ دعوت اسلامي حاجي محمد فاروق عطاري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سمجهائڻ سان ڪيترائي اسلامي ڀائر نمازي بڻيا، پنهنجي چهري تي ڏاڙهيون سجايون ۽ ديني ماحول سان وابسته ٿي ويا. * هي مسلسل فجر لاءِ جاڳائيندا هئا. * علاقائي دورو براءِ نيڪي جي دعوت ۾ شرڪت فرمائيندا. * مدرسة المدينہ براءِ بالغان پڙهائيندا هئا. * هڪ ڀيرو اسان جي سامهون اندرونِ سنڌ کان آيل 50 کان 60 غير مسلم سندن هٿ تي مسلمان ٿيا. * انهن جي ترغيب تي ڪيترن ئي اسلامي ڀائرن پنهنجن ٻارن کي حافظِ قرآن بڻايو. * تمام گهڻا ملنسار هئا. ([1])

سُبْحٰنَ اللہ! ڪاش! اسان کي به اهڙو جذبو ملي، نيڪيون پاڻ به ڪريون ۽ ٻين کي نيڪي جي دعوت به ڏيون. 12 ديني ڪم به خوب وڌي ڪريون. * نمازِ فجر پاڻ به باجماعت ادا ڪريون ۽ ٻين کي به فجر لاءِ جاڳايون. * علاقائي دورو ڪريون. * درس ڏيون يا ٻڌون. * عاشقانِ رسول سان مدني قافلن جا مسافر بڻجون. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! زندگي ۾ نکار اچي ويندو.

نيڪي جي دعوت ڏيڻ هر مسلمان جي بنيادي ذميواري آهي

هونئن به نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ برائي کان منع ڪرڻ هر مسلمان جي بنيادي ذميوارين مان هڪ اهم ذميواري آهي. قرآنِ ڪريم ۾ سيپاري: 10، سورۃ التوبة ۾ هڪ مقام تي اللہ پاڪ منافقن ۽ ايمان وارن جا جدا جدا اوصاف بيان فرمايا آهن ، منافقن بابت فرمايو: آيت


 

 



[1]... ترمذی، بابُ: الصّلوٰۃ، صفحہ:78، حدیث:241۔