Mufti Farooq Ke Osaf

Book Name:Mufti Farooq Ke Osaf

ناهي. بس جمعو ۽ عيد جي نماز پڙهي ورتي، باقي روزانو جي پنجن نمازون جي خبر ئي ناهي. الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي. هڪ ڏينهن ۾ 5 نمازون فرض آهن ۽ مقرر وقت تي فرض آهن، هر نماز جو الڳ وقت مقرر آهي، انهيءَ وقت جي اندر پڙهڻ فرض آهي، باجماعت نماز پڙهڻ واجب آهي،نماز قضا ڪرڻ حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي،  بغير شرعي مجبوري جي جماعت ڇڏي ڏيڻ ترڪِ واجب، ناجائز ۽ گناھ آهي.

ہو گیا تجھ سے خدا ناراض اگر                                                                                                 قبر سن لے آگ سے جائیگی بھر

عمر میں   چُھوٹی ہے گر کوئی نماز                                                                                         جلد  ادا  کرلے  تُو  آ غفلت  سے  باز

 

تڪبيرِ اُوليٰ جا فضائل

 حديثِ پاڪ ۾ آهي: جيڪو الله پاڪ جي لاءِ 40 ڏينهن تڪبيرِ اوليٰ سان باجماعت نماز پڙهي، ان جي لاءِ 2 آزاديون لکيون وينديون، هڪ آزادي باھ کان ۽ ٻي آزادي نفّاق کان. ([1])

الله پاڪ اسان کي باجماعت نماز پڙهڻ جي توفيق عطا فرمائي، ڪاش! تمام نمازون تڪبيرِ اُوليٰ سان پڙهڻ نصيب ٿي وڃن. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

 (4)  مفتي فاروق ۽ ديني ڪمن ۾ دلچسپي

پيارا اسلامي ڀائرو! مفتي دعوتِ اسلامي مفتي فاروق صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جي هڪ ٻي وڏي پياري خوبي هيءَ آهي ته هو نيڪي جي دعوت جا تمام گهڻا شوقين هئا، 12 ديني ڪم تمام گهڻي محبت ۽ شوق سان ڪندا هئا. ان جي تنظيمي


 

 



[1]... ترمذی، بابُ: الصّلوٰۃ، صفحہ:78، حدیث:241۔