Mufti Farooq Ke Osaf

Book Name:Mufti Farooq Ke Osaf

نگاهون جهڪائڻ جو قرآني حڪم

سيپارو 18، سوره نور جي آيت نمبر 30 ۽ 31 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو: آيت

قُلْ لِّلْمُؤْمِنِیْنَ یَغُضُّوْا مِنْ اَبْصَارِهِمْ

ترجموڪنزالعرفان:  مسلمان مردن کي حڪم ڏيو ته پنهنجون نگاھون ڪجهه هيٺ رکن.

ھن آيت ۾ مسلمان مردن کي حڪم ڏنو ويو آھي ته اھي پنهنجون نگاھون ڪجهه هيٺ رکن ۽ جنھن شيءِ کي ڏسڻ جائز ناھي ان تي نظر نه رکن. ([1])

رستي جا حق

حضرت ابو سعيد خدري رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آھي، رسول اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَیْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم ارشاد فرمايو: توهان رستن تي ويهڻ کان بچو. صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! رستن تي ويهڻ بغير اسان جو گذارو ناھي، اسين اتي ويهي ڪچهريون ڪندا آهيون. ارشاد فرمايو: جيڪڏهن رستن تي ويهڻ کان سواءِ توهان جو ڪو چارو ناھي ته رستي جو حق ادا ڪريو. صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان  عرض ڪيو: رستي جو حق ڇا آھي؟ ارشاد فرمايو: نظر هيٺ رکڻ، تڪليف ڏيندڙ شيءِ کي دور ڪرڻ، سلام جو جواب ڏيڻ، نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ برائي کان منع ڪرڻ. ([2])

بدڪار اک

حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آھي ته الله پاڪ جي نبي، مڪي مدني صَلَّى اللهُ عَلَیْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم فرمائن ٿا ته اکين جي زنا بدنگاهي آھي. ([3])


 

 



[1]... خازن، النور، تحت الآیۃ: ۳۰، ۳ / ۳۴۸۔

[2]... بخاری،کتاب المظالم والغصب،باب افنیۃ الدوروالجلوس ...الخ،۲ / ۱۳۲،الحدیث:۲۴۶۵۔

[3]... بخاری، حدیث ۶۲۴۳۔