Mufti Farooq Ke Osaf

Book Name:Mufti Farooq Ke Osaf

هلندو رهيس، مفتي صاحب کي گهر پهچايو، انهن کي لاٿو، پوءِ ساڳي رستي سان واپس آيس ته ساڳي جاءِ تي ماڻهن جي رش لڳل هئي. پڇيم: هتي ڇا ٿيو آهي؟ ماڻهن ٻڌايو: بجلي جي تار روڊ تي ڪري پئي آهي، جنهن ۾ ڪرنٽ آهي. اهو ٻڌي مونکي هڪ جهٽڪو لڳو ته هيءَ تار ته اسان جي موٽر سائيڪل سان ٽڪرائي هئي پر الحمد للہ! اسان کي ڪرنٽ نه لڳو، منهنجو حسنِ ظن آهي ته مفتي صاحب جيڪا تلاوت ڪري رهيا هئا، هي انهيءَ تلاوت جي برڪت هئي.

سُبْحٰنَ اللہ!  پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو؛ تلاوت جي برڪت سان آخرت جو ثواب ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ! ملڻو ئي آهي، الله پاڪ چاهيو ته دنيا جون مشڪلاتون، پريشانيون، آفتون، بلائون به دور ٿي وينديون.

تلاوت کی توفیق دیدے الہٰی!                                                                     گناہوں کی ہو دور دل سے سیاہی

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

 

(2) زبان ۽ اکين جي حفاظت

پيارا اسلامي ڀائرو! مفتي دعوتِ اسلامي مفتي فاروق صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  جي هڪ ٻي تمام پياري خوبي هي آهي ته پاڻ زبان ۽ اکين جي تمام گهڻي حفاظت ڪندا هئا، يعني پنهنجي زبان کي به گناهن کان بچائي رکندا هئا ۽ اکين کي به گناهن کان تمام گهڻو بچائيندا هئا.

* سندن گڏ ڪم ڪرڻ واري هڪ مُفتي صاحب جو بيان آهي: مفتي دعوتِ اسلامي زبان جو مضبوط قفلِ مدينه لڳائيندا هئا (يعني گناهن ڀريون ڳالهيون ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي، بنا ضرورت ڳالهائيندا ئي نه هئا). ڪيئي ڀيرا ائين ٿيو ته مان موٽر سائيڪل تي ساڻس گڏ دارالافتاء آيس، پاڻ سڄو رستو خاموش رهندا هئا، دارالافتاء پهچي سلام ڪندا ۽ رخصت ٿي ويندا هئا.

* سندن گهر وارن جو بيان آهي:  مفتي صاحب تمام گهٽ گفتگو ڪندا هئا، اڪثر خاموش ئي رهندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن گهر وارن سان به لکي ڳالهه ٻولهه ڪندا هئا.