Book Name:Mufti Farooq Ke Osaf
پنهنجون نگاھون هيٺ رکڻ جي عادت بڻايو! دل به پاڪ ٿي ويندي ۽ نيڪين جي توفيق به نصيب ٿي ويندي.
آقا کی حیا سے جھکی رہتی نظر اکثر آنکھوں پہ مرے بھائی لگا قفلِ مدینہ
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
مفتي فاروق صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خوبين مان هڪ پياري خوبي اها به آھي ته پاڻ نمازِ باجماعت جو تمام گهڻو اهتمام ڪندا هئا. ڪيترائي ڀيرا جيڪڏهن ٽرين ذريعي پنجاب وڃڻو هوندو هو ته ڪراچي کان حيدرآباد تائين بس ۾ ويندا هئا ته جيئن نماز آسانيءَ سان ادا ڪري سگهن. جيڪڏهن ٽرين جي اچڻ ۾ دير هوندي هئي ته باقاعدہ مسجد ۾ وڃي نمازِ باجماعت ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. هميشه هر نماز پهرين صف ۾ ادا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا هئا. مفتي صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هڪ دوست جو بيان آھي: مفتي صاحب تمام باعمل هئا. * اڪثر باوضو رهندا هئا. * ڪيترائي ڀيرا مون کين تحِیَّۃُالْوُضُو به پڙهندي ڏٺو آھي. *عموماً اَذان کان اڳ وضو ڪري وٺندا هئا، پوءِ جيئن ئي اَذان ٿيندي هئي، مسجد ۾ هليا ويندا هئا. * عموماً پهرين صف ۾ نماز پڙهندا هئا. * مان سندن سان گڏ تقريباً 4 سال رهيس، ان دوران مون انهن جي تڪبيرِ اُوليٰ فوت ٿيندي نه ڏٺي.
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪيون ڪمائڻ جو ڪيترو زبردست جذبو آھي، ڪيتري ڪمال جي استقامت آھي! 4 سالن ۾ مفتي صاحب جي هڪ ڀيرو به تڪبيرِ اوليٰ فوت نه ٿي. جماعت سان نماز پڙهو ته نيت ٻڌڻ لاءِ امام صاحب جيڪا پهرين تڪبير چوندو آهي ان کي تڪبير اُوليٰ چيو ويندو آهي. هاڻي اسان ٿورو غور ڪريون، اسان وٽ تڪبيرِ اُوليٰ ته رهي پري جي ڳالهه، ماڻهن جي جماعت تائين نڪري وڃي ٿي بلڪ ڪيترا ته اُهي آهن جن جون نمازون قضا ٿي رهيون هونديون آهن، هزارن ۾ ته اهي آهن جو نماز پڙهڻ سندن فهرست ۾ شامل ئي