Mufti Farooq Ke Osaf

Book Name:Mufti Farooq Ke Osaf

بيان ٻڌڻ جون نيّتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ سچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔ [1]

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس   * بيان دوران سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس      * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                           صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

نيڪ ماڻهن جي اهميت ۽ فضيلت

پيارا اسلامي ڀائرو! اسلام اسان جو پيارو دين آهي، هن پاڪيزه آسماني دين جي هڪ خاصيت هيءَ به آهي ته اسان جي دين ۾ اهميت، وقعَت ۽ فضيلت * نالي ۽ نسب جي ناهي، * ظاهري حليي جي ناهي، * مال ۽ دولت ۽ ظاهري ٽپ ٽاپ جي ناهي، سوچ ۽ ڳالهين جي ناهي بلڪ اسلام ۾ اهميت، وقعت ۽ فضيلت عمل ۽ ڪردار جي آهي، جيڪو خوش نصيب نيڪيون ڪندو آهي، زندگي جو هر لمحو رب جي رضا وارن ڪمن ۾ گذاريندو آهي، * ان کي فضيلتن سان به نوازيو ويندو آهي، * ان کي عزت به بخشي ويندي آهي، * معاشري ۾ اهميت به ڏني ويندي آهي * اهڙي خوش بخت جو اهو شان هوندو آهي جو ان جو نالو وٺڻ، ان جو سٺو تذڪرو ڪرڻ به رحمت وسڻ جو ذريعو بڻجي ويندو آهي. منقول آهي: عِنْدَ ذِکْرِ الصَّالِحِیْنَ تَنَزَّلُ الرَّحْمَۃُ نيڪ ماڻهن جي ذڪر وقت رحمت نازل ٿيندي آهي. ([2])

پوءِ


 

 



[1] مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔

[2]...حلیۃالاولیاء، رقم۱۰۷۵۰، ج۷، ص۳۳۵۔