Mufti Farooq Ke Osaf

Book Name:Mufti Farooq Ke Osaf

جيڪڏهن اهي نيڪ هوندا ته مان نيڪ بڻجي ويندس ۽ جيڪڏهن اهي خراب هوندا ته انهن جي خرابي مون کي به پهچندي، تنهنڪري مان پنهنجي دوستن لاءِ دعا ڪري رهيو آهيان. ([1])

بنادے مجھے نیک نیکوں کا صَدقہ                                                                       گناہوں سے ہردم بچا یاالٰہی!

مِرا ہر عمل بس ترے واسطے ہو                                                                              کر اِخلاص ایسا عطا یاالٰہی! ([2])

 

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

 دوستي جا   آداب سکڻ   ضروري  آهي

حضرت داتا گنج بخش علي هجويري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: نفس جي عادت آهي ته پنهنجي ساٿين کان راحت حاصل ڪري ٿو، جنهن قسم جي ماڻهن جي صحبت ۾ ويهندو آهي، انهن جون عادتون اختيار ڪري وٺندو آهي. ان ڪري مشائخ (يعني اولياء ڪرام) سڀني کان پهرين دوستي جي حقن تي ڌيان ڏيندا ۽ مريدن کي ان جي ترغيب ڏيندا آهن، ايتري قدر جو مشائخ وٽ دوستي جا آداب سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ فرض جو درجو رکي ٿو. ([3])

هيپاٽائٽس جو   روحاني علاج    

پيارا اسلامي ڀائرو! 28 جولاءِ تي World Hepatitis Day (هيپاٽائٽس جو عالمي ڏينهن) ملهايو وڃي ٿو. هيپاٽائٽس جگر جي بيماري آهي، الله پاڪ اسان کي ان کان محفوظ فرمائي، خطرناڪ مرض آهي، موت جو سبب به بڻجي سگهي ٿو. خدا نخواستہ اهڙو مسئلو هجي ته ڊاڪٽر سان رجوع ڪرڻ گهرجي. مان اوهان کي هيپاٽائٽس جو هڪ روحاني علاج ٻڌايان ٿو، ان تي عمل ڪريو! جيڪڏهن بيماري هوندي ته ختم ٿي ويندي، نه هوندي ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان کان حفاظت رهندي.

بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْم سان گڏ سورت قريش هڪ دفعو (اَوّل آخر 11 ڀيرا دُرُود شريف)


 

 



[1]...کشف المحجوب،مترجم،صفحہ:499بتغیر۔

                                                                                                                [2]  وسائل بخشش، صفحہ:105۔

[3]...کشف المحجوبمترجم،صفحہ:499بتغیر۔