Mufti Farooq Ke Osaf

Book Name:Mufti Farooq Ke Osaf

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                                           جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

پاڻي پيئڻ جون سنتون ۽ آداب

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1) اُٺ وانگر هڪ ئي ساهي ۾ نه پيو، بلڪ ٻه يا ٽي ڀيرا (ساهه کڻي) پيئو ۽ پيئڻ کان اڳ ۾ بِسۡمِ اللهِ پڙهو ۽ پيئڻ کان پوءِ اَلحَمۡدُ لِلّٰهِ چوندا ڪريو .([1])

     اي عاشقانِ رسول! پاڻي هجي يا ڪا ٻي پيئڻ جي شيءِ *پيئڻ کان پهرين بِسۡمِ الله پڙهو * چوسي ڪري ننڍا ننڍا ڍُڪ ڀريو، وڏا ڍُڪ ڀَرڻ سان جگر جي بيماري پيدا ٿيندي آهي *پاڻي ٽن ساهين ۾ پيئو *ويهي ڪري ۽ ساڄي هٿ سان پاڻي پيئو *ڪؤنري وغيره مان وضو ڪيو ته ان جو بچيل پاڻي پيئڻ 70 بيمارين کان شِفا آهي جو اهو آبِ زم زم شريف سان مشابهت رکي ٿو، ان ٻنهي (يعني وضو جو بچيل پاڻي ۽ آب زم زم شريف) کان علاوه ٻيو ڪو به پاڻي بيهي ڪري پيئڻ مڪروه آهي. اهي ٻئي پاڻي قبلي ڏانهن منهن ڪري بيهي پيئو * پيئڻ کان پهرين ڏسو ته پيئڻ جي ٿانوَ ۾ ڪا نقصان واري شيء وغيره ته ناهي * پاڻي پيئڻ کان پوءِ اَلۡحَمۡدُلِلّٰه چئو * حضرت سيِّدُنا امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  فرمائن ٿا: بِسۡمِ الله پڙهي پيئڻ شروع ڪري پهرين ساهي جي آخر ۾ اَلْحَمْدُلِلّٰہِ ٻي کان پوءِ اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعَالَمِیْن ۽ ٽين کان پوءِ اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعَالَمِیْنَ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیم پڙهي. هي هڪ سٺو ڪم آهي نه به ڪيو ته حرج ناهي ۽ شروع ۾ بِسۡمِ الله ۽ آخر ۾ اَلْحَمْدُلِلّٰہِ چوڻ سان به سنت ادا ٿي ويندي *گلاس مان بچيل مسلمان جي اَوبر واري صاف پاڻي کي استعمال لائق هجڻ جي باوجود


 

 



[1]... ترمذی، کتاب الاشربۃ، صفحہ:464، حدیث:1885۔