Mufti Farooq Ke Osaf

Book Name:Mufti Farooq Ke Osaf

فرمائيندا. تمام ذمّہ داران ۽ عاشقانِ رسول هن مدني مذاڪري ۾ پاڻ به شرڪت ڪن ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏين.

* شيخِ طريقت، امير اهلِ سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي ترغيب ڏيندا آهن، ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ رسالو ”نيڪي جي دعوت ۽ نرمي“ جو اعلان ڪيو ويندو. هي رسالو پاڻ به پڙهو! ٻين کي به ترغيب ڏيو ۽ سوشل ميڊيا جهڙوڪ واٽس ايپ وغيره تي رضاءِ الٰهي ۽ ثواب جي نيت سان ٻين سان به شيئر ڪريو! * الله پاڪ جا ڪجھ ٻانها اهڙا به هوندا آهن جيڪي پنهنجي مختصر زندگي ۾ اهڙا نمايان ڪم ڪندا آهن جو دنيا حيران رهجي ويندي آهي، * الله پاڪ انهن ٻانهن کي پنهنجي طرفان خاص صلاحيتن سان نوازيندو آهي، انهن مان هڪ شخصيت مفتيءِ دعوت اسلامي جي به هئي جو جن پنهنجي مختصر زندگي ۾ اهي عظيم ڪم ڪيا جيڪي پنهنجي مثال پاڻ آهن انهن مان ڪجھ ڪمن کي هڪ ڪتاب بنام مفتي دعوت اسلامي ۾ تحرير ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب کي توهان طلب فرمايو. پاڻ به پڙهو! ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو! 

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ!                                                                                               صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

 
 پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شَهنۡشاھ نُبُوت صَلَّي اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي:

مَنۡ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدۡ اَحَبَّنِي وَمَنۡ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الۡجنَّة

يعني جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.([1])


 

 



[1] … مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵