Book Name:حَسْبُنَا اللہ (یعنی ہمیں اللہ کافِی ہے)
هڪ صاحب هو، جيڪو طريقت جي رستي تي نڪتو، ان دل پاڪ ڪري الله پاڪ جو قرب حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي سال مجاهدا ۽ رياضتون ڪيون پر مقصد حاصل نه ٿيو، آخرڪار سيد شاهه آلِ محمد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ مارهره شريف حاضر ٿيا، عرض ڪيائون: ڪيترائي سال ٿي ويا آهن پر مقصد حاصل نٿو ٿئي. شاهه آلِ محمد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان کي پاڻ وٽ قبول ڪيو ۽ خانقاه شريف جي هڪ ڪمري ۾ سندن رهڻ جو بندوبست ڪيو. گڏوگڏ، پاڻ خادم کي الڳ سان سڏائي حڪم ڏنو: کين شام جي ماني ۾ مڇي ڏني وڃي پر پاڻي جو هڪ ڦڙو به نه ڏنو وڃي ۽ کائڻ کان پوءِ فوري طور دروازو ٻاهر کان بند ڪيو وڃي. خادم حڪم تي عمل ڪيو، نمازِ عشاء کان پوءِ کين ماني ۾ مڇي ڏني وئي، جڏهن اهي کائي چڪا ته خادم فوري طور ٻاهر کان دروازو بند ڪري روانو ٿي ويو. مڇي ته پاڻي جي ديواني آهي، رهندي ئي پاڻي ۾ آهي، ان کي پچائي کائي وٺو ته به پاڻي گهرندي آهي، تنهنڪري ان صاحب کي سخت اڃ لڳي پر پاڻي ته هو ئي نه، دروازو ٻاهر کان بند هو، پاڻ وڃي ڪري به نه پيا پي سگهن، هاڻي اهو اندر کان دانهون ڪري ٿو ته مونکي پاڻي ڏنو وڃي پر اتي ٻڌڻ وارو ڪوبه نه هو! انهن کي پاڻي نه ملڻو هو، نه مليو، رات جيئن گذرڻي هئي، گذري وئي. صبح فجر جي وقت خادم ڪمرو کوليو، جيئن ئي دروازو کليو، اهو صاحب پاڻي ڏانهن ڊوڙيو، جيترو پي سگهيو، خوب پيتائين. جان ۾ جان اچي وئي، هاڻي نماز فجر ادا ڪئي. نماز کان پوءِ شاهه آلِ محمد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پڇيو: خيريت آهي؟ عرض ڪيائون: حضور! رات ته خادمن ماري ئي وڌو هو. اهڙي گرمي ۾ هڪ ته مونکي مڇي کارائي، پاڻي جو هڪ ڦڙو به نه ڏنائون ۽ وري ڪمري جو دروازو به ٻاهر کان بند ڪري ڇڏيائون. فرمايائون: پوءِ رات ڪيئن گذري؟ عرض ڪيائون: جيستائين جاڳندو رهيس پاڻي جو خيال! جڏهن سمهي پيس ته خواب ۾ به پاڻي کان سوا ٻيو ڪجهه نه ڏٺو. شاهه آل محمد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: طلبِ صادق (يعني سچي طلب) انهيءَ جو نالو آهي. جنهن مقصد تائين نه پهچڻ جي توهان