Book Name:حَسْبُنَا اللہ (یعنی ہمیں اللہ کافِی ہے)
گهرندا آهيون. الله پاڪ اسان کي قرآن ۽ سنت مطابق صحيح عقائدا ۽ نظريا اپنائڻ جي توفيق نصيب فرمائي، اسان جو رب ڪريم! اسان کي مشڪلاتن ۽ پريشانين کان نجات نصيب فرمائي.
ڪلام جو خلاصو هي آهي ته * اسان الله پاڪ جا ٻانها آهيون، * ان ئي اسان کي پنهنجي قدرت سان پيدا ڪيو، * اهو ئي اسان کي پالي ٿو، * اهو ئي روزي ڏئي ٿو، * اهو ئي اسان کي جيئرو رکي ٿو، * اسان جيڪي ڪجھه ڪندا آهيون، *جيڪي ڪجھه ڪمائيندا کائيندا آهيون، * سڀ ان جي ڏنل طاقت سان آهي، تنهنڪري * ڪا مشڪل اچي، * پريشاني اچي، * مصيبت اچي، * ڪجھه به ٿي وڃي، اسان کي گهرجي ته، * بدشگوني نه وٺون، * ڪنهن کي منحوس نه سمجهون، * پنهنجي ناڪامين جو وبال ڪاري ٻلّي تي، * ڪنهن نابينا تي، * تارن وغيره تي نه وجهون، بلڪ الله پاڪ ڏانهن رجوع ڪريون، انهيءَ رب رحمٰن جي حضور سر جھڪايون، ان تي ڀروسو رکون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! الله پاڪ جي مدد ۽ نصرت نصيب ٿيندي ۽ اسان کي هر مشڪل ۽ پريشاني کان نجات ملندي. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: علاقائي دورو
پيارا اسلامي ڀائرو! پاڻ کي بدشگوني جهڙي نحوست کان بچائڻ، تَوڪُّل جهڙي عظيم نعمت حاصل ڪرڻ، هر طرح جي حالات ۾ الله پاڪ جي ذات تي ڀروسو هجڻ جو جذبو ماڻڻ جي لاءِ دعوت اسلامي کان وابسته ٿي وڃو، 12 ديني ڪمن ۾ عملي طور تي شرڪت ڪيو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت جون کوڙ برڪتون حاصل ٿينديون، 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم علاقائي