Book Name:حَسْبُنَا اللہ (یعنی ہمیں اللہ کافِی ہے)
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا. * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس* بيان دوران سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
غزوهءِ اُحُد جي وقت جي ڳالهه آهي، حضرت ابو سفيان رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جيڪي عظيم صحابي رسول آهن، سندن فتح مڪّه جي موقعي تي اسلام قبول ڪيائون، غزوهءِ اُحد جي وقت سندن اڃا مسلمان نه ٿيا هئا، غير مسلمن جي صف ۾ هئا. جيئن ته غزوهءِ اُحد جي وقت ابو سفيان رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پڪاري چيو: اڳئين سال بدر جي ميدان ۾ اسان جي ۽ اوهان جي جنگ ٿيندي. آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن اعلانِ جنگ کي قبول فرمايو. ان کان پوءِ ابو سفيان ۽ سندس لشڪر مڪي روانو ٿيو، پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان کي ساڻ وٺي مديني شريف واپس تشريف وٺي آيا.
نيٺ سال گذري ويو. اتي ابو سفيان ۽ اهلِ مڪه به جنگ جي تيارين ۾ هئا ۽ پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ به تيار هئا. جڏهن وعدي جو وقت اچي ويو ته خدا جي طرفان ايئن ٿيو جو ابو سفيان ۽ سندس لشڪر جي دل ۾ ربّ ڪريم خوف وجهي ڇڏيو. هاڻي اهي چاهين پيا ته ڪنهن طرح هي جنگ رڪجي وڃي ۽ اسان واپس مڪي روانا ٿيون پر بزدلي سان واپس ٿيڻ انهن کي گوارا نه هو. جيئن ته ابو سفيان هڪ چال هلي، نُعيم بن مسعود جيڪو ڪنهن ٻئي قبيلي جو هو، مڪي شريف آيل هو، ابو سفيان ان کي لالچ ڏني ۽ چيو: تون مديني