Book Name:حَسْبُنَا اللہ (یعنی ہمیں اللہ کافِی ہے)
دورو به آهي.
*حديث پاڪ جو خلاصو آهي: جيڪي قدم راههِ خُدا ۾ خاڪ آلود ٿين، انهن کي جهنم جي باھ نه ڇُهندي. (مسند امام احمد،جلد:6، صفحہ:507، حدیث:16356۔) *نيڪي جي دعوت ڏيڻ، بُرائي کان منع ڪرڻ جي لاءِ گهر کان نڪرڻ به راھ خدا ۾ نڪرڻ آهي. *اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي لاءِ بازار ۾ تشريف کڻي ويندا هئا. *مختلف قبيلن ۾ وڃي ڪري نيڪي جي دعوت ڏيندا هئا. *دعوت اسلامي وارا عاشقانِ رسول به هن پياري ادا کي ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن *گهر گهر، دڪان دڪان وڃي ڪري نيڪي جي دعوت ڏيندا آهن.* ماڻهن کي مسجد ۾ اچڻ جي دعوت ڏني ويندي آهي.* نمازن جي ترغيب ڏياري ويندي آهي. اسان ان کي علاقائي دورو چوندا آهيون.
اوهان به عاشقانِ رسول سان گڏجي علاقائي دورو ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! * سُنَّتِ انبياء تي عمل جي سعادت ملندي. * نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب ملندو * حديث پاڪ جي مطابق نيڪي جي راھ ڏيکارڻ وارو، نيڪي ڪرڻ واري جهڙو آهي. ([1]) * جيڪڏهن اسان جي نيڪي جي دعوت سان هڪ شخص به نيڪ نمازي بڻجي ويو ته يقين مڃو! ڀاڳ ئي کُلي ويندا.
اچو ترغيب جي لاءِ اوهان کي هڪ مدني بهار ٻڌايان ٿو.
عاشقانِ رسول جو هڪ مدني قافلو 3 ڏينهن لاءِ، سنڌ جي شهر ٽنڊوآدم ۾ پهتو، جنهن ۾ ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جي صلاحيت کان محروم اسلامي ڀائر به شامل هئا. نمازِ عصر کانپوءِ مدني قافلي جا عاشقانِ رسول علاقائي دورو براءِ نيڪي جي دعوت لاءِ مسجد جي ويجهو هڪ ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ پهتا، مدني قافلي جي