Book Name:حَسْبُنَا اللہ (یعنی ہمیں اللہ کافِی ہے)
فرمائن ٿا: اڃا هي ڳالهه هلي رهي هئي ته هڪ ماڪڙ آئي ۽ ان پکي جي وات ۾ گهڙي وئي۔ هاڻي اهو پکي ٻيهر پنهنجي چهنب وڻ تي هڻڻ لڳو، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اي انس! ڄاڻين ٿو؛ هاڻي هي ڇا چئي رهيو آهي؟ مون عرض ڪيو: نه۔ فرمايائون: هي چئي ٿو: مَنْ تَوَکَّلَ عَلَی اللہِ کَفَاہُ جيڪو الله پاڪ تي ڀروسو ڪري ٿو، الله پاڪ ان کي ڪافي ٿي وڃي ٿو۔[1]
مسلمانن جي پياري امڙ سائڻ حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها وڏي مرتبي واري هستي آهن، هڪ ڀيري ڪجهه خراب ذهن وارن منافقن سندن بابت تمام خراب افواهه ڦهلايو، انهن منافقن جي رد ۾ الله پاڪ قرآنِ ڪريم جون تقريباً 18 آيتون نازل فرمايون ۽ بيبي عائشه صديقه طيبه طاهره رَضِىَ اللهُ عَنْها جي پاڪدامني کي چڱي طرح واضح فرمايو۔
هڪ ڀيري حضرت زينب رَضِىَ اللهُ عَنْها بي بي عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها کان پڇيو: اي عائشه! اوهان اهڙو ڪهڙو عمل ڪيو هو جو الله پاڪ توهان جي شان ۾ 18 آيتون نازل فرمائي ڇڏيون؟ فرمايائون: مون پڙهيو هو: حَسْبِیَ اللہُ وَ نِعْمَ الْوَکِیْل مون لاءِ الله ڪافي آهي ۽ اهو ڪيترو سٺو ڪار ساز آهي۔[2]
پيارا اسلامي ڀائرو! هن روايت مان حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْهُا جي شان ۽ عظمت به معلوم ٿي؛ اول ته هي ڏسو ته سندن توڪل ڪيترو مضبوط هو، الله پاڪ سان سندن لڳاءُ ڪيترو عظيم هو، سندن تي مشڪل آئي، پريشاني آئي، پاڻ الله پاڪ جي رحمت تي ڀروسو ڪيو، پوءِ الله پاڪ جون ڪرم نوازيون