حَسْبُنَا اللہ (یعنی ہمیں اللہ کافِی ہے)

Book Name:حَسْبُنَا اللہ (یعنی ہمیں اللہ کافِی ہے)

منحوس سمجهيو ويندو آهي* ڪڏهن ڏينهن سان بدشگوني ورتي ويندي آهي * ڪجهه مهينن کي ماڻهو منحوس سمجهندا آهن.

مطلب ته هي ايمان جي ڪمزوري آهي، الله پاڪ تي ڀروسو ناهي هوندو ته اهڙا اُبتا سُبتا خيال پيدا ٿيندا آهن، نه ته هن دنيا ۾ منحوس ڪجهه به ناهي، صرف گناهه منحوس آهن، گناهه جا ذريعا منحوس آهن، صرف اهو لمحو منحوس آهي، جنهن لمحي انسان گناهه ۾ مبتلا ٿيندو آهي، جيڪڏهن اسان جي ڪمن ۾ ڪا رڪاوٽ اچي ٿي ته گناهن جي نحوست سان اچي ٿي، جيڪڏهن اسان ناڪامين جو منهن ڏسون ٿا ته گناهن جي سبب ڏسون ٿا، نه ته بدشگوني محض هڪ غلط خيال آهي، وهم کان سواءِ ڪجهه به ناهي.

بدشگوني جي براين تي 2 حديثون

* اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: لَیْسَ مِنَّا مَنْ تَطَیَّرَ وَلَا تُطَیَّرُ لَہٗ جنهن بدشگوني ورتي ۽ جنهن لاءِ بدشگوني ورتي وئي اهو اسان مان ناهي۔[1] * اسان جي نبي، سچي نبي، سٺي نبي، آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جنهن ڪهانت( فال ڪڍي) يا جيڪو تيرن جي ذريعي فال ڪڍي يا جيڪو بدشگوني جي ڪري سفر کان موٽي اچي اهو ماڻهو ڪڏهن بلند درجن تائين نه پهچي سگهندو۔[2]

ڪاميابي جون شرطون

پيارا اسلامي ڀائرو! ڪنهن به ڪم ۾ ڪاميابي لاءِ 4 شرطون هونديون آهن: (1) واضِح مقصد (2) سٺي پلاننگ (3) درست سمت تي گهڻي محنت (4) الله پاڪ تي ڪامل ڀروسو. ٻانهو انهن چئن شرطن کي پورو ڪري ته ڪاميابي ملي ئي ويندي آهي، الله پاڪ ڪنهن جي محنت کي ضايع ناهي فرمائيندو. قرآنِ ڪريم ۾ آهي:


 

 



[1] مُسْنَدِ بَزَّاز، جلد:9، صفحہ:52، حدیث:3578۔

[2] مجمعُ الزّوائِد، جلد:5، صفحہ:144، حدیث:8487۔