حَسْبُنَا اللہ (یعنی ہمیں اللہ کافِی ہے)

Book Name:حَسْبُنَا اللہ (یعنی ہمیں اللہ کافِی ہے)

پڪارڻ بالڪل درست آهي ڇوته الله پاڪ جا رسول، رسول مقبول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّم جيڪا مدد فرمائيندا، غوث پاڪ جيڪا مدد فرمائيندا، اها به حقيقت ۾ الله پاڪ جي ئي مدد آهي، غير الله جي مدد ناهي. الله پاڪ فرمائي ٿو:  

فَاِنَّ حَسْبَكَ اللّٰهُؕ-هُوَ الَّذِیْۤ اَیَّدَكَ بِنَصْرِهٖ وَ بِالْمُؤْمِنِیْنَۙ(۶۲)

ترجمو ڪنزالعرفان:  ته بيشڪ الله اوهان کي ڪافي آهي. اهو ئي آهي جنهن پنهنجي مدد ۽ مسلمانن جي ذريعي اوهان جي تائيد فرمائي. (پارہ:10، الانفال:62)

معلوم ٿيو؛ اسان کي الله ڪافي آهي، ڪيئن ڪافي آهي؟ اهڙي طرح جو ڪڏهن هو خود پنهنجي خاص مدد سان اسان کي نوازيندو آهي، غيب کان اسان لاءِ اسباب پيدا فرمائيندو آهي ۽ ڪڏهن اهڙي طرح ڪافي ٿي ويندو آهي جو ڪنهن نيڪ مؤمن کي اسان جو مددگار بڻائي ڇڏيندو آهي. تنهنڪري الله پاڪ غيب کان اسان لاءِ اسباب پيدا فرمائي، تڏهن به الله پاڪ اسان لاءِ ڪافي آهي ۽ جيڪڏهن رب ڪريم غوث ۽ خواجه کي، داتا حضور ۽ اعلى حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم وغيره ولين کي اسان جو مددگار بڻائي، تڏهن به اسان لاءِ الله ئي ڪافي آهي. اسان کي ته رب جي مدد گهرجي، اهو چاهي غيب کان ملي يا نبين، ولين جي ذريعي ملي، هر طرح سان قبول آهي.

آخر نبين، ولين کان ڇو گهرون؟

 ڪجهه ماڻهو اهو سوال ڪندا آهن ته هلو مڃي ورتو! اولياء ڪرام َحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم  مددگار آهن پر جڏهن الله پاڪ پاڻ اسان جي ٻڌندو آهي، اسان جي مدد فرمائيندو آهي، پوءِ آخر اسان ٻانهن کان مدد گهرون ئي ڇو؟ صرف الله پاڪ کان ئي مدد گهرندا رهون.

 اهو وڏو اهم سوال آهي، گهڻا خوش عقيده ماڻهو به ان شيطاني وسوسي جو شڪار ٿي سگهن ٿا. ان جو جواب ڇا آهي؟ اچو! هڪ حديث پاڪ ٻڌون ٿا.