حَسْبُنَا اللہ (یعنی ہمیں اللہ کافِی ہے)

Book Name:حَسْبُنَا اللہ (یعنی ہمیں اللہ کافِی ہے)

منقول آهي ته ماڻهن هڪ بيمار پوڙهي ماڻهو کي جڏهن علاج ڪرائڻ جو چيو ته ان علاج ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، چوڻ لڳو ته صبر ڪرڻ وارن علاج کان بهتر حل ڏنو آهي. ماڻهن چيو: الله پاڪ اوهان تي رحم ڪري، علاج کان بهتر حل ڇا آهي؟ پوڙهي ماڻهوءَ سيپاري: 23، سورت زمر جي آيت: 10 تلاوت ڪئي:

اِنَّمَا یُوَفَّى الصّٰبِرُوْنَ اَجْرَهُمْ بِغَیْرِ حِسَابٍ(۱۰)

ترجموڪَنزُالعِرْفان: صبر ڪرڻ وارن کي ئي انهن جو ثواب بي حساب ڀرپور ڏنو ويندو.

 پوءِ چوڻ لڳو: آئون ڪنهن شيءِ کي صبر جي برابر نه ٿو سمجهان ۽ علاج ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ان کانپوءِ جڏهن به ان کي درد جي شدت جو احساس ٿيندو هو ته هو حَسْبِي اللَّهُ وَنِعْمَ الْوَكِيلُ پڙهي وٺندو هو ته ان جي درد جي شدت ختم ٿي ويندي هئي.[1]

هڪ اهم وضاحت

پيارا اسلامي ڀائرو! هتي هڪ وضاحت ڪيان؛ الله نه ڪري ڪو مرض، بيماري اچي وڃي ته علاج ڪرائڻ گهرجي ڇو ته علاج ڪرائڻ سنت کان ثابت آهي، البت اهي نيڪ ماڻهو جيڪي توڪل جي بلند مرتبي تي پهتل هوندا آهن، اهي ڪڏهن ڪڏهن الله پاڪ تي يقين رکندي علاج ناهن ڪرائيندا، هي انهن جي حق ۾ درست آهي. اسان کي گهرجي ته علاج ضرور ڪرائيندا ڪيون. ها! روحاني علاج (يعني قرآن جي آيتن ۽ قرآن ۽ حديثن ۾ ذڪر ڪيل وظيفن، تعويذ وغيره جي ذريعي علاج ڪرائڻ) وڌيڪ بهتر آهي ڇو ته شفا ڏيڻ واري ذات الله پاڪ جي ئي آهي ۽ ان جي نالن ۾ شفا آهي. ان کان علاوه شريعت جي دائري ۾ رهي ميڊيڪل وغيره جي ذريعي به علاج ڪرائڻ گهرجي.


 

 



[1] موسوعہ ابن ابی دنیا، الصبر والثواب علیہ، جلد:4، صفحہ:51، رقم:132ملخصاً۔