حَسْبُنَا اللہ (یعنی ہمیں اللہ کافِی ہے)

Book Name:حَسْبُنَا اللہ (یعنی ہمیں اللہ کافِی ہے)

شڪايت ڪري رهيا هئا (ته ڪيترن سالن کان مقصد حاصل نه ٿيو)، ڪڏهن ان لاءِ اهڙي طلب به ڪئي هئي؟ هاڻي اهو صاحب پنهنجي ناڪامي جي سبب سمجهي چڪو هو، تنهنڪري هاڻي کان سچي طلب سان مجاهدات شروع ڪيا، آخرڪار الله پاڪ جو فضل ٿيو ۽ کين پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي ملي وئي.[1]

تجھ کو گر رُتبۂ عالی کی طلب ہے بھائی!                                                      غور سے سُن! تجھے ہستی کو مٹانا ہو گا

بھائیو! چاہئے گر رَبِّ محمد کی رضا                                                                               خود کو محبوب کی سُنّت پہ چلانا ہو گا

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

محنت سان گڏ تَوَڪُّل به ضروري آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! هن دنيا ۾ مشڪلات کان وڙهڻ، مصيبتن مان نڪرڻ ۽ ڪاميابي ماڻڻ جي لاءِ هڪ ضروري شيءِ تَوَڪُّل به آهي. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

فَاِذَا  عَزَمْتَ  فَتَوَكَّلْ  عَلَى  اللّٰهِؕ-اِنَّ  اللّٰهَ  یُحِبُّ  الْمُتَوَكِّلِیْنَ(۱۵۹) (پارہ: 4، آلِ عمران: 159)

ترجموڪنزالعرفان: پوءِ جڏهن ڪنهن ڳالھ جو پڪو ارادو ڪري وٺو ته الله تي ڀروسو ڪيو بيشڪ الله توڪل ڪرڻ وارن سان محبت فرمائيندو آهي.

هن آيت جي حوالي سان تفسير خزائنُ العرفان ۾ آهي: تَوَڪُّل جي معنيٰ آهي: الله پاڪ تي اعتماد ڪرڻ ۽ ڪمن کي ان جي حوالي ڪري ڇڏڻ. مقصد هي آهي ته ٻانهي جو اعتماد (Confidence) تمام ڪمن ۾ الله پاڪ تي هجڻ گهرجي.[2]

الله پاڪ جي رحمت تي اُمّيد رکو!

حضرت عبد الله بن داؤد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان پڇيو ويو: توڪل ڪنهن کي چئبو آهي؟


 

 



[1] ملفوظات اعلیٰ حضرت، صفحہ: 470ملخصاً۔

[2] خزائن العرفان، پارہ:4، آل عمران، زیرِ آیت:159، صفحہ:141۔