Book Name:حَسْبُنَا اللہ (یعنی ہمیں اللہ کافِی ہے)
جيڪي به رڪاوٽون آهن، ٻانهو انهن جي پرواهه نه ڪري ۽ دل سان اهو يقين ڪري ته مون کي الله ڪافي آهي، جڏهن اهو ربِّ ذيشان منهنجو مددگار آهي، جيڪڏهن ان جي مدد شامل حال آهي ته دنيا جي ڪا به رڪاوٽ مون کي ڪاميابي کان هرگز روڪي نٿي سگهي۔ الله پاڪ جي رحمت تي اهو سچو ۽ پڪو اعتماد اها عظيم دولت آهي، جنهن سان اسان کي طاقت به ملي ٿي، جنهن سان اسان کي همت به ملي ٿي، حوصلو به نصيب ٿئي ٿو ۽ انهي جي برڪت سان ٻانهو هر مشڪل کان بآساني گذري وڃي ٿو۔ الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ مَنْ یَّتَوَکَّلْ عَلَی اللّٰہِ فَہُوَ حَسْبُہٗ ؕ
ترجموڪنز العرفان: ۽ جيڪو الله تي ڀروسو ڪري ته اهو کيس ڪافي آهي۔(پارہ:28، الطلاق:3)
سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو؛ ڪهڙيون به مشڪلاتون هجن، ڪهڙيون به مصيبتون اچن، ڪاميابي جي رستي ۾ ڪهڙيون به رڪاوٽون ڇو نه اچي وڃن، جيڪو خوش نصيب الله پاڪ تي ڀروسو ڪري ٿو، ربِّ ڪريم پنهنجي رحمت سان ان لاءِ ڪافي ٿي ويندو آهي۔
صحابي رسول حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مان پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ ٻاهر نڪتس، اسان ڏٺو، هڪ نابينا پکي آهي، ان کي نظر ڪجھ نه ٿو اچي ۽ اهو وڻ تي پنهنجي چهنب هڻي رهيو آهي۔ سڀني جون ٻوليون ڄاڻيندڙ نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو؛ اي انس! ڄاڻين ٿو هي پکي ڇا چئي رهيو آهي؟ مون عرض ڪيو: الله پاڪ ۽ ان جو رسول ئي بهتر ڄاڻن ٿا. فرمايائون: هي چئي ٿو: اي الله! تون انصاف ڪرڻ وارو آهين، تو ئي منهنجي اکين جي روشني ختم فرمائي آهي، مون کي بک لڳي آهي۔