Book Name:حَسْبُنَا اللہ (یعنی ہمیں اللہ کافِی ہے)
به پنهنجي آخري عمر ۾ فصل پوکڻ جو ڪم شروع ڪيو هو. ([1])
تفسير ڪبير ۾ آهي: نهرون(شاخون) کوٽڻ ۽ شجر ڪاري ڪرڻ (يعني وڻ لڳائڻ) جي ڪري فارس (ايران) جي بادشاهن جون عمرون ڊگهيون ٿينديون هيون. ([2])
وڻن جا فائدا: * وڻ، ٻُوٽا ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ (Carbon Dioxide) وٺن ٿا، آڪسيجن فراهم ڪن ٿا ۽ گلوبل وارمنگ (Global Warming) يعني دنيا جي وڌندڙ گرمي ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجن ٿا. [3])
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي ٻوٽو پوکڻو به آهي، ان کي وڻ به بڻائڻو آهي، تنهنڪري * ٻوٽو پوکڻ کان بعد ان کي باقاعده پاڻي ڏيو! * ان جي صفائي جو خاص خيال رکو * عام راهن تي جتي هلڻ وارن کي تڪليف ٿئي * جتي قانون طور منع هجي *۽ ڪنهن جي ذاتي ملڪيت ۾ ٻوٽا نه پوکيو! *جيڪڏهن ڪنهن لاءِ ٻاهر ٻوٽا پوکڻ ممڪن نه هجي ته هو پنهنجي گهر ۾ ٻوٽا پوکي. ([4])
پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد لله دعوتِ اسلامي هر سال آگسٽ جي مهيني ۾ ملڪِ پاڪستان کي سرسبز بڻائڻ لاءِ وڻڪاري ڪري ٿي. دعوتِ اسلامي جي هن نعري "ٻوٽو لڳائڻو آهي وڻ بڻائڻو آهي" ۾ توهان به شامل ٿيو ۽ شرعي احتياطن سان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ٻوٽو لڳائي ان کي درخت بڻائڻ جي ڪوشش ڪريو.
ٻوٽا لڳائڻ جا وڌيڪ فضائل، فائدا ۽ احتياطون ڄاڻڻ لاءِ اميرِ اهل سنت مولانا