حَسْبُنَا اللہ (یعنی ہمیں اللہ کافِی ہے)

Book Name:حَسْبُنَا اللہ (یعنی ہمیں اللہ کافِی ہے)

هڪ عام اسلامي ڀاءَ اتي موجود نوجوانن کي ٻڌايو ته اسان سان ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جي صلاحيت کان محروم اسلامي ڀائر به آهن، اهي توهان کي اشارن جي ٻولي ۾ نيڪي جي دعوت پيش ڪندا. پوءِ گونگن ۽ ٻوڙن اسلامي ڀائرن اشارن جي ٻولي ۾ نيڪي جي دعوت پيش ڪئي ۽ اتي موجود ماڻهن کي مسجد ۾ گڏ هلڻ جو چيو. عام اسلامي ڀاءَ به اهڙيءَ طرح ترغيب ڏني ته هي اسلامي ڀائر زبان ۽ ٻڌڻ جي قوت کان محروم هجڻ جي باوجود نيڪي جي دعوت لاءِ نڪري پيا آهن، الله پاڪ اسان کي انهن نعمتن سان نوازيو آهي، جيڪڏهن اسين انهن جي دعوت تي مسجد هلنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  انهن جي دل خوش ٿيندي. هي ٻڌي اهي ڪرڪيٽ کيڏندڙ نوجوان مٿو جهڪائي مبلغ سان گڏ مسجد جي طرف هلڻ لڳا.

تِرا شکر مولا دیا دینی ماحول                                                                                             نہ چھوٹے کبھی بھی خدا دینی ماحول

تُو آ بے نَمازی، ہے دیتا نمازی                                                        خدا کرم سے بنا دینی ماحول

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

 نماز جا وقت (Prayer Times) ايپليڪيشن جو تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي جديد ذريعن جي ذريعي به قرآن ۽ سنت جي خدمت ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهي، ان ڳالهه جي پيشِ نظر دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊپارٽمينٽ هڪ تمام سهڻي موبائل ايپليڪيشن بنام نماز جا وقت (Prayer Times)  جاري ڪئي آهي۔ * هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي دنيا جي ڪنهن به مقام تي نماز جا وقت ۽ قبلي جي سمت معلوم ڪري سگهجي ٿي. * جماعت جي وقت موبائل کي آٽو سائلنٽ ڪرڻ جو آپشن به موجود آهي۔ * ان کان علاوه، قرآن پاڪ عربي متن ۽ ترجمو ۽ تفسير سان پڙهڻ ۽ ٻڌڻ جي سهولت موجود آهي۔ * اذڪار (روحاني علاج)