Book Name:حَسْبُنَا اللہ (یعنی ہمیں اللہ کافِی ہے)
ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جو ايمان ڪيترو پڪو هو، اهي خوش نصيب ڪهڙو نه جوشِ ايماني رکندا هئا ۽ هر هر معاملي ۾ الله پاڪ تي توڪّل (trust) ڪندا هئا، ان جي رحمتن تي، ان جي عنايتن تي، ان جي مدد تي ڀروسو ڪندا هئا، پوءِ نتيجي ۾ ڇا ملندو هو؟ الله پاڪ انهن کي هر ميدان ۾ ڪاميابيون عطا فرمائيندو هو. اچو! صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جي انهيءَ توڪّل ۽ پڪي ايمان جو هڪ ٻيو واقعو ٻڌون ٿا:
مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو دورِ خلافت هو، عظيم صحابي رسول حضرت سعد بن ابي وقاص رَضِىَ اللهُ عَنْهُ لشڪرِ اسلام سان گڏ مختلف علائقن کي فتح ڪري رهيا هئا، انهيءَ دوران کين ”بَہُر سِيۡر“ نالي هڪ شهر ۾ پهتا ۽ ان جو گهيراءُ ڪري ورتو. هن شهر کي فتح ڪرڻ لاءِ درياءِ دَجلہ کي پار ڪرڻ ضروري هو. جيئن ته غير مسلمن پنهنجو شهر بچائڻ لاءِ هي چال هلي ته سڀئي ٻيڙيون پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيون ته جيئن مسلمان دريا کي پار ڪري، شهر تائين نه پهچي سگهن. حضرت سعد بن ابي وقاص رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جڏهن هتي پهتا، ٻيڙيون ڳوليائون پر هڪ به ٻيڙي نه ملي. هاڻي پريشاني هئي ته شهر به فتح ڪرڻو آهي، دريا به پار ڪرڻو آهي، ٻيڙي به ڪا ناهي، هاڻي ڇا ڪجي.
انهيءَ دوران حضرت سعد رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي ذهن ۾ هڪ تدبير آئي، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه سڄي لشڪر کي گڏ ڪري فرمايائون: اي انسانو! چئو...!! نَسْتَعِیْنُ بِاللہِ وَ نَتَوَکَّلُ عَلَیْہِ، حَسْبُنَا اللہُ وَ نِعْمَ الْوَکِیْل اسان الله پاڪ کان مدد گهرون ٿا، انهيءَ تي ڀروسو ڪريون ٿا، اسان کي الله ڪافي آهي ۽ هو ڪيترو سٺو ڪار ساز آهي. هي چئي گھوڙا دريا ۾ وجھو... !!
سڄي لشڪر حضرت سعد رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي اطاعت ڪئي ۽ حَسْبُنَا اللهُ چئي گھوڙا دريا ۾ وجهي ڇڏيا. راوي چون ٿا: الله پاڪ جو قسم! انهيءَ ڏينهن هڪ به شخص درياء ۾ نه ٻڏو، سڀئي درياء جو سينو چيري ٻئي ڪناري تائين پهچي