Book Name:حَسْبُنَا اللہ (یعنی ہمیں اللہ کافِی ہے)
ڪيو: حَسْبِیَ اللہُ وَ نِعْمَ الْوَکِیْل، حَسْبِیَ اللہُ وَ نِعْمَ الْوَکِیْل جيئن جيئن آئون هي پڙهندو پئي ويس اهو ڪارو ماڻهو زمين ۾ ڌٻجندو پئي ويو، جيئن ته ان بابرڪت وظيفي جي برڪت سان اهو ڪارو ماڻهو پوري جو پورو زمين ۾ ڌٻجي ويو ۽ مون کي ان کان نجات ملي وئي. ([1])
آندهي ۽ سردي کان نجات ملي وئي
خليفه مهدي جيڪو خلافتِ عباسيه (Abbasid Empire) جو هڪ خليفو هيو. هڪ ڀيري شڪار لاءِ نڪتو، رستي ۾ سخت ۽ ڪاري آندهي اچي وئي، خليفي سان گڏ جيترا سپاهي هئا، سڀ ان کان وڇڙي ويا، ڪجھ به نظر نه اچي رهيو هو، هاڻي خليفو جهنگل ۾ اڪيلو رهجي ويو. وڏي مشڪل پيش آئي، گهاٽو جهنگل آهي، خليفو اڪيلو ان جهنگل ۾ آهي، ڪو ساٿي، ڪو سپاهي گڏ نه آهي. خليفو مهدي چئي ٿو: ان اڪيلائي ۾ مون کي سخت بک به لڳي رهي هئي، اڃ جي به شدت هئي ۽ گڏوگڏ سردي به تمام گهڻي لڳي رهي هئي. وڌيڪ چئي ٿو: اوچتو مون کي هڪ حديث پاڪ ياد آئي، حضرت عبدالله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي: جيڪو ٻانهو صبح شام هي دعا پڙهي وٺي اهو * سڙڻ، * ٻڏڻ * ڪري تباهه ٿيڻ ۽ بُري موت مرڻ کان محفوظ رهندو.
بِسْمِ اللَّهِ وَبِاللَّهِ، وَلا حَوْلَ وَلا قُوَّةَ إِلا بِاللَّهِ، اِعْتَصَمْتُ بِاللَّهِ، وَتَوَكَّلْتُ عَلَى اللَّهِ، حَسْبِيَ اللَّهُ، لا حَوْلَ وَلا قُوَّةَ إِلا بِاللَّهِ الْعَلِيِّ الْعَظِيمِ
خليفو چئي ٿو: مون پوري يقين سان جيئن ئي اها دعا پڙهي، مون کي ٿوري فاصلي تي باهه ٻرندي نظر آئي، آءُ اتي پهتس، اها هڪ اعرابي جي جهوپڙي هئي، ان اعرابيءَ منهنجي خوب مهمان نوازي ڪئي، بهترين شربت