Book Name:Har Makan Ka Ojalah Hamara Nabi
جون حديثون ٻڌندو آهيان ته ياد ناهن رهنديون.
سُبۡحٰن الله! مالڪِ ڪُل آهن، هي نه فرمايائون: ابوهريره ظاهري شيون ته مون کان گُهر مان ڏئي ڇڏيندُس، هي ته ظاهري مال ناهي، وڃ! الله پاڪ کان گُهر! نه...!! هي مالڪِ ڪُل آهن. حضرت ابوهريره رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ ڄاڻين ٿا ته سڀ نعمتون ڏيندو الله پاڪ آهي، ملنديون محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي در تان آهن ۽ محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم به ڄاڻين ٿا ته سڀني نعمتن جا خزانا مون وٽ آهن، الله پاڪ جي عطا سان مونکي مالڪ ۽ مختار بڻايو ويو آهي. پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت ابوهريره رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ کي حافظو عطا فرمايو، ڪيئن عطا فرمايو؟ هي به وڏي ڪمال جي ڳالھ آهي، فرمايائون: ابوهُريره چادر وڇايو! انهن چادر وڇائي. پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ٻَئي هٿَ هوا ۾ کوليا، لَپَ ڀريائون ۽ چادر ۾ هاريائون. فرمايائون: ابوهريره! هن چادر کي سيني سان لايو! انهن چادر سيني سان لاتي، فرمائن ٿا: ان ڏينهن کان پوءِ حالت هيءَ ٿي وئي جو جيڪو به ٻڌندو آهيان، ياد رهندو آهي.[1]
مالکِ کونین ہیں گو پاس کچھ رکھتے نہیں دو جہاں کی نعمتیں ہیں ان کے خالی ہاتھ میں([2])
وضاحت: الله اڪبر! پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جيتوڻيڪ پاڻ وٽ ڪجھ ناهن رکندا پر ٻنهي جهانن جا مالڪَ آهن سندن خالي هٿن ۾ ٻنهي جهانن جون نعمتون آهن.
پيارا اسلامي ڀائرو! هتي هڪ غور ڪرڻ جي ڳالھ آهي. يقيناً تمام خزانا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي عطا ڪيا ويا آهن پر هي به هڪ واضح ڳالھ آهي ته خزانا هر وقت گڏ کڻي ڪري ته ناهن رکيا ويندا، خزانو محفوظ جڳھ تي رکيو ويندو آهي پر هي نرالا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم آهن، نرالو خزانو آهي. حضرت ابوهريره رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ حافظو گُهريو، سندن هي نه فرمايائون: ابوهريره! ترس! مان پنهنجي خزاني مان حافظو کڻي ڪري اچان ٿو، هي نه فرمايائون: ابوهريره! مون سان گڏ هلو! فلاڻي جڳھ ته خزانو آهي، مان اتان توکي حافظو ڏيان ٿو. نه...!! پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جتي