Book Name:Har Makan Ka Ojalah Hamara Nabi
ڪرام کي ارشاد ٿيندو: پنهنجو گواھ پيش ڪيو!
سُبحٰن الله! هي سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي نسبت جو فيضان آهي جو جيتوڻيڪ اڳين امتن ۾ به وڏا وڏا نيڪ پرهيزگار، اولياءِ ڪرام گذريا آهن پر انبياءِ ڪرام عَلَیْہِمُ السَّلَام اُن وقت پنهنجي امتن جي نيڪ ماڻهن کي گواھ نه بڻائيندا بلڪه عرض ڪندا: اي مالڪِ ڪريم! اسان تنهنجو پيغام پهچائي ڇڏيو هو، ان تي اسان جي گواھي جي لاءِ محمد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جا غلام موجود آهن.
هي امت انبياءِ ڪرام عَلَیْہِمُ السَّلَام جي حق ۾ گواهي پيش ڪندي. غير مُسۡلم چوندا: هي ته ناانصافي آهي. (گواھ اهو هوندو آهي، جيڪو موقعي تي موجود به هجي ۽ ان معاملو ڏٺو به هجي) اُمتِ محمد ته اسان کان ڪافي عرصو بعد ۾ آئي، نه هنن اسان کي ڏٺو، نه اسان جا احوال ڏٺا، هي موقعي تي موجود ئي نه هئا، تنهنڪري هي گواھي نه ٿا ڏئي سگهن. هاڻي هن امت کان پڇيو ويندو: ٻڌايو! توهان هي گواھي ڪيئن ٿا ڏئي سگهو؟ هيءَ امت عرض ڪندي: اي مالڪِ ڪريم! (اسان موقعي جا گواھ ناهيون) اصل گواھ ته تنهنجا محبوب حضرت محمدِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم آهن، اسان جيڪا گواھي ڏئي رهيا آهيون، انهن کان ٻڌي ڪري ڏئي رهيا آهيون. هاڻي محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي گواھ بڻايو ويندو، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم انبياءِ ڪرام عَلَیْہِمُ السَّلَام جي حق ۾ گواھي ڏيندا ته سب غير مُسلمن جي زبان تي ڄڻ تالا لڳي ويندا ۽ فيصلو ٿي ويندو ته نبين پيغام پهچايو هو، اُمتون ڪوڙ ڳالهائي رهيون آهن.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! هتي غور ڪرڻ جي ڳالھ آهي. جهنّم سامهون آهي، ربّ قهار غضب فرمائي رهيو آهي، سڀ غير مُسلم ڄاڻيندا هوندا ته هاڻي اسان جي حق ۾ فيصلو نه ٿيو ته هميشه جي لاءِ جهنّم ۾ سڙنداسين، هن جي باوجود به هي هن امت جي گواھي تي اعتراض ته ڪندا جو هي ماڻهو موقعي تي موجود نه هئا، تنهنڪري گواھي نه ٿا ڏئي سگهن پر جڏهن محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم گواهي ڏيندا