Book Name:Har Makan Ka Ojalah Hamara Nabi
بعد ٻِيهر نمازِ جنازه ادا فرمائي.[1]
حديثِ پاڪ جي مشهور ڪتاب مُسلم شريف ۾ حديثِ پاڪ آهي: هڪ صحابيه هيون: حضرت سَودَاء رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْہَا. انهن جو اِنتقال ٿيو، صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم انهن جي نمازِ جنازه ادا ڪئي ۽ دفن ڪري ڇڏيائون، بعد ۾ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي معلوم ٿيو ته فرمايائون: توهان مون کي ڇونه ٻڌايو...؟ اِنَّ هَذِهِ الْقُبُورَ مَمْلُوءَةٌ ظُلْمَةً عَلَى اَهْلِهَا بيشڪ هي قبرون اونداهين سان ڀريو پيون آهن وَاِنَّ اللهَ عَزَّوَجَلَّ یُنَوِّرُهَا بِصَلَاتِيْ عَلَيْهِمْ يعني بيشڪ جڏهن مان هنن تي نمازِ جنازه پڙهندو آهيان ته منهنجي نماز جي برڪت سان الله پاڪ هنن قبرن کي نور سان ڀري ڇڏيندو آهي.[2]
سبحٰنَ الله! ڇا ته شانِ ڪريمي آهي...!! منهنجا ۽ توهان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم خود پاڻ به نور آهن، نور ورهائيندا به آهن ۽ نور ورهائڻ جي طاقت تي ٿورو غور فرمايو! سندن هن دنيا ۾، عالَمِ فاني ۾ تشريف فرما آهن، قبر جو مُعاملو ٻي جهان جو آهي، اهو عالَمِ برزخ آهي، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم هن جهان ۾ بيهي ڪري عالَمِ برزخ وارن کي نور سان نوازي رهيا آهن.
سبحٰنَ الله! جڏهن پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم هن دنيا ۾ هجن ته عالَمِ برزخ وارن کي نور ورهائي سگهن ٿا ته هاڻي جڏهن سندن عالمِ برزخ ۾ تشريف فرما آهن، اتي رهي ڪري هن جهان وارن کي ڇو نور نٿا ورهائي سگهن...!! يقيناً جيئن پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پهريان نور ورهائيندا هئا، هاڻي به ورهائيندا آهن، ان ڪري ته اسان چوندا آهيون:
چمک تجھ سے پاتے ہیں سب پانے والے میرا دِل بھی چمکا دے چمکانے والے
برستا نہیں دیکھ کر اَبرِ رَحمت بدوں پر بھی برسا دے برسانے والے