Book Name:Har Makan Ka Ojalah Hamara Nabi
آيا، وري اڳتي ڇو تشريف وٺي ويا. پهريان ڪڏهن به ائين نه ٿيو، اڄ اهڙي ڪهڙي خاص ڳالھ هئي. پياري آقا، مڪي مدني مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم هن راز تان پردو کڻندي فرمايو: مَا مِنْ شَيْءٍ تُوعَدُونَهُ اِلَّا قَدْ رَاَيْتُهُ فِي صَلَاتِي هَذِهِ يعني اي منهنجا صحابه! (قيامت جي متعلق) هر اها شيءِ جنهن جو توهان سان واعدو ڪيو ويندو آهي، اهي سڀ مونکي هن نماز ۾ ڏيکاريون ويون.[1]
سُبحٰن الله! ڇا ته زبردست مشاهدو آهي. مديني جي سرزمين تي آهن، قيامت اڃان هزارين سالن کان پوءِ اچڻي آهي، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم انهيءَ وقت قيامت جي بعد جي معاملات کي جاڳندي اکين سان ملاحظه فرمائي رهيا آهن. ([2])
هن مشاهدي جي تفصيل ڇا آهي؟ ٻڌو! نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: لَقَدْ جِيءَ بِالنَّارِ جهنّم کي پيش ڪيو ويو. جڏهن توهان ڏٺو ته مان پوئتي هٽي رهيو آهيان، هي ان جي تَپش جي سبب هو. مون جهنّم ۾ ٽيڙي ڪِلي واري کي ڏٺو، هي اهو شخص هو جيڪو پنهنجي ٽيڙي ڪِليءَ سان حاجين جون شيون چورائيندو هو. جهنّم ۾ ان جا آنڊا وِکريل هئا ۽ هي انهن کي گِهليندو پئي ڦريو. وڌيڪ مون جهنّم ۾ ٻليءَ واري عورت کي به ڏٺو، هيءَ اها هئي جنهن ٻلي پالي هئي، ان کي ڪجھ کارائيندي نه هئي، ٻلي بُکَ کان مري وئي (هيءَ عورت به جهنّم ۾ ان ظلم جي سزا ڪاٽي رهي هئي).
پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم وڌيڪ فرمايو: ثُمَّ جِيءَ بِالْجَنَّةِ پوءِ جنّت پيش ڪئي وئي، جڏهن توهان مونکي اڳتي وڌندي ڏٺو، ان وقت جنّت منهنجي سامهون هئي.
هاڻي حديثِ پاڪ جا اڳيان لفظَ ٻڌو! ايمان تازو ٿي ويندو. پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: مون هٿ وڌايو ته جيئن اتان جا ڪجھ ميوا پَٽيان. پوءِ مون ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو.[3]