Book Name:Har Makan Ka Ojalah Hamara Nabi
ايمان جي درجات، چڱن بُرن عملن ۽ توهان جي خُلوص ۽ منافقت کي سڃاڻين ٿا.[1]
امام جلالُ الدين سيوطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: بيشڪ اسان جا نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي وفات کان بعد به زندھ آهن ۽ پنهنجي امت جون نيڪيون ڏسي ڪري خوش ٿيندا آهن ۽ انهن جون نافرمانيون ڏسي ڪري غمگين ٿيندا آهن.[2]
پيارا اسلامي ڀائرو! فڪر جي ڳالھ هيءَ آهي ته الله نه ڪري اُمّتي نماز نه پڙهي، پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڏسي رهيا آهن*اُمّتي روزا نه رکي، پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڏسي رهيا آهن*اُمّتي تلاوت کان منهن موڙي، محبوبَ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڏسي رهيا آهن*اُمّتي وياج جي ڏي وٺ ڪري، محبوبَ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڏسي رهيا آهن*اُمّتي ڪوڙ ڳالهائي، محبوبَ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي خبر پئجي رهي آهي*اُمّتي ماپَ تورَ ۾ ٺَڳي ڪري، محبوبَ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڏسي رهيا آهن*اُمّتي ماءُ پيءُ کي سَتائي، محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڏسي رهيا آهن*هڪ اُمّتي ٻئي اُمّتي کي ستائي، دل ڏُکائي، گارگند ڪري، ظلم و ستم جا پهاڙ ٽوڙي، محبوب نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڏسي رهيا آهن.
ڇا ڪو اهڙو مسلمان آهي جيڪو پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي سامهون اهڙن گناھن جي هِمت ڪري...؟ يقيناً ڪو مسلمان هيءَ هِمت نه ڪري سگهندو پر افسوس! اسان هي جُرتون ڪندا آهيون، اسان جو عقيدو آهي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم هرهر اُمّتي جي هرهر حال کان باخبر آهن پر افسوس!
نہ شرمِ نبی، نہ خوفِ خُدا، یہ بھی نہیں، وہ بھی نہیں
مولانا حسن رضا خان رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ نهايت فڪر واري ڳالھ ڪئي، لکن ٿا:
اے نفس انہیں رنج دیا اپنی بدی سے
کیا قہر کیا تُو نے ارے تیرا بُرا ہو