Har Makan Ka Ojalah Hamara Nabi

Book Name:Har Makan Ka Ojalah Hamara Nabi

آهي، عربي ۾ ان کي فَرط چوندا آهن.

   يعني آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم کي هي ٻڌائي رهيا هئا ته اي منهنجا صحابه! منهنجي ظاهري زندگي جا آخري ڏينهن آهن، مان تمام جلد ئي هن دنيا مان پردو فرمائيندُس ۽ هي نه سمجهجو ته منهنجو دنيا مان پردو ڪرڻ توهان جي لاءِ بُرو آهي. نه...!! نه! حَياتِي ‌خَيْرٌ ‌لَكُمْ ‌ومَمَاتِي ‌خَيْرٌ ‌لَكُمْ منهنجو دنيا ۾ رهڻ به توهان جي حق ۾ بهتر آهي، منهنجو دنيا مان پردو ڪري وڃڻ به توهان جي حق ۾ بهتر آهي.[1] مطلب هي ته مان توهان کان پهريان وڃي رهيو آهيان ته جيئن توهان جي شفاعت، توهان جي نجات، توهان جي هر طرح سان مدد ڪيان، توهان مان جيڪو به ايمان تي مرندو، اهو مون وٽ، منهنجي حفاظت، منهنجي انتظام ۾ ائين ايندو جيئن مسافر پنهنجي گهر ايندو آهي، مومن مرندي ئي حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وٽ پهچندو آهي بلڪ ڪجهه مومنن جي ساهه نڪرڻ وقت خود حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن کي وٺڻ جي لاءِ تشريف کڻي ايندا آهن. ([2])

   سبحٰنَ الله! هي آهي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي امّت سان محبت...!! الله پاڪ جي طرفان پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي هي باقاعده اختيار ڏنو ويو هو ته اي پيارا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! چاهيو ته دنيا ۾ ئي تشريف رکو، چاهيو ته پردو فرمايو.[3] پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم دنيا مان پردو فرمائڻ قبول ڪيو، ڇو؟ ان ڪري جو هن ۾ امت جي ڀلائي هئي. مولانا حسن رضا خان صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا:

تم کو تو غلاموں سے ہے کچھ ایسی محبّت                                                      ہے ترکِ ادب ورنہ کہیں ہم پہ فِدا ہو

وضاحت: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان کي پنهنجي غلامن سان ڪجھ اهڙي محبت آهي جو جيڪڏهن هي چوڻ بي ادبي نه هجي ها ته مان ضرور چوان ها اوهان ته پنهنجي غلامن تي ئي فِدا آهيو.


 

 



[1]...جامع الصغیر، حدیث:6493۔

[2]... مراۃ المناجیح، جلد:8، صفحہ:286۔

[3]... بخاری، کتاب المغازی، باب مرض النبی صلی اللہ علیہ وسلم و وفاتہ،۳/ ۱۵۴،حدیث :۴۴۳۷۔